گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ٽائيڪون گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت مبينا فراڊ اسڪيم ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. گوتم اڏاڻي تي حڪومت سان معاهدي لاءِ سرڪاري اهلڪارن کي رشوت ڏيڻ جو الزام آهي. گوم اڏاڻي تي آمريڪي سيڙپڪارن کي گمراهه ڪرڻ جو به الزام آهي. نيويارڪ ۾ داخل ڪيل الزام 62 ورهين جي اڏاڻي لاءِ تازا ترين ڌچڪو آهن. عدالت فرد جرم لاڳو ڪندي ڀارتي ڪاروباري شخصيت گوتم اڏاڻي تي الزام هنيو ته هن ٻين سينئر ايگزيڪٽوز پنهنجي قابل تجديد توانائي جا ٺيڪا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀارتي اختيارين کي ادائگين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو جنهن سان ويهن سالن اندر 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نفعو حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي. اڏاڻي جو گروپ 2023ع کان آمريڪا ۾ سرگرم آهي جڏهن ته هڪ هاءِ پروفائيل ڪمپني هڪ رپورٽ شايع ڪئي جنهن ۾ کين ڌوکو ڏيڻ جو الزام هنيو ويو آهي. گوتم اڏاڻي ڀارت جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل آهي جنهن جي ڪاروباري سلطنت پورٽس ۽ هوائي اڏن کان ويندي قابل تجديد توانائي تائين پکڙيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو