گمڀير ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ميڊيا موجب اڳوڻو ڪرڪيٽر گوتم گمڀير ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي.ميڊيا رپورٽن موجب گوتم گمڀير ۽ ڀارتي بورڊ جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ ڪوچنگ جي حوالي سان ابتدائي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.گمڀير ۽ ڀارتي بورڊ ڪوچنگ جي معاملي تي تبصرو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارتي بورڊ هيڊ ڪوچ جي ڳولا ۾ آهي ۽ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 مئي هئي.ٽي 20 ورلڊ ڪپ راهول دراوڙ جي آخري اسائنمينٽ آهي، ڀارتي بورڊ پرڏيهي جي بدران مقامي هيڊ ڪوچ جي حق ۾ آهي.ڪولڪتا نائيٽ رائڊرز تازو ئي گوتم گمڀير جي ڪوچنگ هيٺ آئي پي ايل کٽي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو