گورنر جو گنڊاپور کي خط، صوبائي حقن لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جي تجويز

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي نالي خط ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جي قيام جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.خط صوبي جي ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي به اماڻيو ويو آهي. ڪي پي ڪي جي گورنر لکيو آهي ته وفاق سان منصفاڻين وسيلن جي ورهاست، صوبائي حقن لاءِ يونائيٽيڊ ٽاسڪ فورس جي قيام جي تجويز پيش ڪريان ٿو. گورنر هائوس هن ٽاسڪ فورس سان مڪمل تعاون ڪندو.خط جي متن موجب آئل اينڊ گيس ايڪسائيز ڊيوٽي، اين ايف سي ايوارڊ، نيٽ بائيڊل پرافٽ ۽ ٻين حقن جو حاصل ڪرڻ ٽاسڪ فورس جي ترجيحات ۾ شامل هوندو. يونائيٽيڊ ٽاسڪ فورس جي پهرين اجلاس جي ميزباني پشاور ۾ گورنر هائوس ڪندو.يونائيٽيڊ ٽاسڪ فورس جي ذريعي گڏيل چارٽر آف ڊيمانڊ تيار ڪري وفاق ڏانهن اماڻيو ويندو. خط ۾ گورنر لکيو آهي ته گورنر جو عهدو سنڀاليندي ئي صوبي جي هر سياسي قيادت وٽ پاڻ ويو هئس. صوبي جي حقن لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ يونائيٽيڊ ٽاسڪ فورس مفيد ثابت ٿيندي.خيبرپختونخواهه جي گورنر طرفان خط جو متن پي ٽي آءِ کان علاوه عوامي نيشنل پارٽي، قومي وطن پارٽي، جي يو آءِ، ايم ڊبليو ايم، ٽي ايل پي، پاڪستان مسلم ليگ، پي ٽي آءِ پارليامينٽرين، مزدور هاري پارٽي، جي يو آءِ(س) جماعت اسلامي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ(نوراني) جي قيادت ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو