گولڊ ميڊلسٽ ارشد لاءِ سس ۽ سهري پاران مينهن جو تحفو

ميان چنون(ويب ڊيسڪ) پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ جويلين ٿرو ۾ واحد گولڊ ميدل کٽندڙ ارشد نديم کي اڄڪلهه وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ مختلف ادارن پاران انعام پيا ڏنا وڃن. سندس سس ۽ سهري هنکي کير ڏيڻ واري مينهن تحفي ۾ ڏني آهي. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ارشد جي زال چيو ته بابا جي تحفي بابت مونکي ميڊيا ذريعي خبر پئي. ارشد نديم طنزيه انداز ۾ چيو ته منهنجو سهرو امير ماڻهو آهي چار پنج ايڪڙ زمين ڏي ها ته بهتر هو، مون اها ڳالهه پنهنجي گهرواري کي چئي هئي ۽ سمجهان ٿو ته هن پنهنجي والد کي ان بابت نه ٻڌايو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو