واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گوگل ميپس جو استعمال تقريباً هر انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهو ڪندو آهي، پر ڪيترائي ڀيرا ميپس تي گهربل تفصيل ڳولڻ ۾ ڏکيائيون ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن توهان سان به ائين ٿيندو آهي، ته گوگل ميپس جي ڪجھه ٽرڪس سان توهان ان عمل کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي سگهو ٿا. هتي ڪجھه دلچسپ گوگل ميپس ٽرڪس ڏجن ٿيون جيڪي توهان جي لاءِ هن سروس کي وڌيڪ ڪارآمد بڻائي ڇڏينديون.
پنهنجن دوستن کي ٽريڪ ڪريو
جيڪڏهن توهان پنهنجن دوستن يا لاڳاپيل ماڻهن سان سان ملاقات ڪرڻ وڃي رهيا آهيو ۽ توهان کي اهو اندازو ناهي ٿي رهيو ته اهي ڪٿي آهن، ته توهان جا دوست گوگل ميپس استعمال ڪندي پنهنجو درست لوڪيشن شيئر ڪري سگهن ٿا. توهان کي صرف ميپ تي ڏنل رستن تي هلڻ جي ضرورت آهي. هن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ، فون ۾ گوگل ميپس کوليو، پروفائل پڪچر تي ڪلڪ ڪريو ۽ مينو ۾ “لوڪيشن شيئرنگ” چونڊيو. هڪ ڀيرو لوڪيشن شيئر ڪرڻ کانپوءِ، واهپيدار کي لائيو اپڊيٽس ملنديون ته سندس دوست هاڻي ڪٿي آهن، ۽ اهو پڻ ڏسڻ ۾ اچي سگھي ٿو ته انهن جي فون جي بيٽري پاور ڪيتري بچي آهي.
لوڪيشن شيئرنگ کي بند ڪرڻ لاءِ، ميپس کوليو ۽ لوڪيشن شيئرنگ اسڪرين ۾ هيٺ موجود “اسٽاپ” بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
آف لائن ميپس
جيڪڏهن توهان وٽ وائي فائي ناهي يا انٽرنيٽ ڊيٽا بچائڻ چاهيو ٿا، يا توهان ڪنهن اهڙي جڳهه تي وڃي رهيا آهيو جتي انٽرنيٽ سروس موجود ناهي، ته پوءِ توهان آف لائن گوگل ميپس استعمال ڪري سگهو ٿا.هن مقصد لاءِ، اسمارٽ فون ۾ گوگل ميپس کوليو، پروفائل پڪچر تي ڪلڪ ڪريو ۽ سيٽنگز ۾ “آف لائن ميپس” آپشن تي ڪلڪ ڪريو. هتي توهان اڳ ۾ ڊائون لوڊ ٿيل ميپس ڏسي سگهو ٿا يا مخصوص جڳهن جا ميپس ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.
هڪ ڪلڪ تي رستو ڄاڻو
گهربل منزل تائين پهچڻ لاءِ، ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر تي ان جو نالو ڳوليو يا جڳهه ڏسو ته اسڪرين تي موجود آهي، پوءِ مائوس کي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ لسٽ اچي ٿي جنهن مان آپشن استعمال ڪري رستو ڄاڻڻ ۾ مدد ملي ٿي.
گوگل ميپس جي هسٽري ڏسو يا ڊيليٽ ڪريو
جيڪڏهن توهان گوگل ميپس استعمال ڪندا آهيو، ته گوگل توهان جي سرگرمين کي تفصيل سان رڪارڊ ڪري ٿو. توهان ڪمپيوٽر تي گوگل ميپس جي سائيٽ تي وڃي ڪري پنهنجي سرگرمين جو جائزو وٺي سگهو ٿا. هلندڙ سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ، سيٽنگز ۾ “Your Data in Maps” چونڊيو، جتي توهان لوڪيشن هسٽري ڏسي سگهو ٿا ۽ ضرورت پوڻ تي ان کي ڊيليٽ ڪري سگهو ٿا.
انڪگنيٽو موڊ
جيڪڏهن توهان نٿا چاهيو ته توهان جون سرگرميون گوگل ۾ رڪارڊ ٿين، ته انڪگنيٽو موڊ استعمال ڪري سگهو ٿا، جنهن سان گوگل ميپس توهان جي سرچ هسٽري محفوظ نه ڪندو ۽ ڪنهن به نوٽيفڪيشن کان بچڻ ۾ مدد ڪندو.هن موڊ کي فعال ڪرڻ لاءِ، ميپس ايپ کوليو ۽ پروفائل پڪچر تي ڪلڪ ڪريو، پوءِ “Turn On Incognito Mode” چونڊيو.
پارڪنگ لوڪيشن محفوظ ڪريو
گوگل ميپس نه رڳو منزل تائين پهچڻ ۾ مددگار آهي، پر وڏي پارڪنگ لاٽ ۾ گاڏي ڳولڻ ۾ پڻ مدد ڪندو آهي.گاڏي پارڪ ڪرڻ کانپوءِ، گوگل ميپس کوليو ۽ بليو لوڪيشن ڊاٽ تي ڪلڪ ڪري “Save Parking” آپشن چونڊيو. جڏهن توهان گاڏي ڳولڻ چاهيو ٿا، سرچ بار تي ڪلڪ ڪري پارڪنگ لوڪيشن چونڊيو.
نام نهاد جاگیرداراڻي سماج میں جمهوری حقن جا خواب
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش