گينگ وار ۽ جهادي تنظيمن جو علاج، ٻڌڻي وري ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ  واري خاص عدالت ايم ڪيو ايم، لياري گينگ وار ۽ جهادي تنظيمن جي ڪارڪنن جو ضياءُ الدين اسپتال مان علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڊاڪٽر عاصم حسين، انيس قائمخاني، وسيم اختر، رئوف صديقي، پي پي ايم اين اي قادر پٽيل ۽ پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم ۽ ٻين خلاف ڪيس جي  فريادي  رينجرز جي ڊي ايس آر عنايت الله دراني پاران هڪ ڀيرو ٻيهر  پيش نه ٿيڻ  سبب 25 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ کيس ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته  ڪيس ۾ مک جوابدار طور نامزد ڊاڪٽر عاصم حسين، ڪراچي جو ميئر وسيم اختر، انيس قائمخاني، روئوف صديقي، قادر پٽيل، عثمان معظم ۽ ٻيا جوابدار  عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي  عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته ڪيس جو فريادي ۽ رينجرز ڊي ايس آر عنايت الله دراني طبيعت ٺيڪ نه هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي جنهن تي عدالت کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيشي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڏي آهي. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم جو مرحوم اڳواڻ سليم شهزاد پڻ هن ڪيس ۾ نامزد ٿيل هو جنهن جي وفات ٿي وئي آهي جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو