گڏيل ڪارروائي، لياري گينگ وار ڪمانڊر جو گهربل ڏوهاري گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرز ۽ پوليس ڪرائي جي علائقي لياري ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي لياري مان گينگوار ڪمانڊر زاهد لاڏلو ۽ شڪيل بادشاهه گروپ سان تعلق رکندڙ نهايت گهربل جوابدار حماد عرف حمو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سنڌ رينجرز جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب لياتي مان گينگ وار ڪمانڊر زاهد لاڏلا ۽ شڪيل بادشاهه گروپ سان تعلق رکندڙ گهربل ڏهاري حماد عرف حمو گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار 2024ع ۾ عزير بلوچ جي ذين سازي ڪرڻ تي بندش پيل تنظيم لياري گينگوار زاهد لاڏلا گروپ ۾ شامل ٿيو، گرفتار ڏوهاري شاهه بيگ لين لياري جو رهواسي آهي، گرفتار جوابدار وٽان هٿيار ۽ ايمونيشن هٿ ڪيو ويو، رينجرز جي ترجمان ٻڌايو ته واقعي جي وقت مان موٽر سائيڪل هلائي رهيو هيس، ڀتو نه ملڻ تي جوابدار پنهنجي ٻين ساٿين عزير بلوچ منور عرف منو نجي آئل ڊيپو تي فائرگن ڪئي، ڀتو نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، بيان ۾چيو ويو ته نيا آباد لياري ۾واقعه نجي آئل ڊيمو جي مالڪ کي واٽس اپ ذريعي لياري گينگوار ڪمانڊر شڪيل باشاهه خان 5 لک روپيا ڀتي جي گهر ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو