ڊيووس(ويب ڊيسڪ)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پنهنجو گهر درست ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار مان نجات حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي.سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ هڪ بحث ۾ پينلسٽ جي حيثيت سان ڳالهائيندي، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي اڪائونٽ جو ٻٽو خسارو آهي. مالي خساري جو مکيه سبب ٽيڪس کان جي ڊي پي جو غير مستحڪم تناسب آهي. 9 کان 10 سيڪڙو، جوڙجڪي مالي سڌارن ذريعي ٽيڪس کان جي ڊي پي جي تناسب کي 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت پنهنجي خرچن کي گهٽائڻ ۽ قرض جي ادائيگي جي مقدار کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پنهنجي گهر جي مرمت کانسواءِ قرض جي بار کان نجات حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. قرض ذريعي خرچن جي مالي مدد ڪرڻ يا سبسڊي ڏيڻ بدران، پيداوار وڌائي برآمدات کي فروغ ڏيڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته جيئن ئي جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو تائين پهچي ٿي، معيشت جي درآمدات تي انحصار جي ڪري ادائيگين جو توازن خراب ٿي ويندو آهي.جڏهن به ادائيگين جو توازن خراب ٿئي ٿو، اسان کي آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو آهي.
پيڪا ايڪٽ ترميمي بل پيش،ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
حڪومت کي لکت ۾ مطالبا ڏئي ڇڏيا آهن
افغانستان کان پاڪستان هٿيار سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
اوڳاهي ۽ نصيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل
زرداري اقتدار خاطر سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏني،مگسي
سميتا افضال سيد جو جناح اسپتال سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جو دورو
وڏي وزير سان اي سيز جي ملاقات،سول سروس ۾ مهارت کپي،شاهه
ايف بي آر کي 1010 گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت
جسٽس (ر) فقير محمد گم ٿيل شهرين واري ڪميشن جو سربراهه مقرر
صدر آصف علي زرداري ايندڙ مهيني چين جو دورو ڪندو
ڪنب ويجهو مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
ميان صاحب ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زال مڙس هٿان قتل، جوابدار فرار
گهوٽڪي پوليس ڪراچي مان چوري ڪندڙ جوابدار
زراعت جي شعبي ۾ تربيت لاءِ شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪلبو
ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست تي اڳڀرائي رپورٽ طلب
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي تي سڏائڻ فيصلو
سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو اڄ کان نه پر هميشه کان رهيو آهي
اختيارين واري ڪيس جو تعلق 26 ترميم سان ناهي، ڪير پاڻ ڊڄي ٿو الڳ ڳالهه آهي
گھر ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار مان نجات حاصل ڪرڻ مشڪل آهي
بلوچستان مامرن جي حل لاءِ قومي ڪانفرنس گهرائڻ گهرجي