ڪُنري (ن س ) آءِ جي سنڌ جي هدايت تي ڊي آءِ جي ميرپور خاص ڪُنري پهچي گهنشام جي وارثن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي ثاقب اسماعيل، گهنشام جي والد ۽ ٻين وارثن کي سندن مرضيءَ مطابق ڪيس داخل ڪرڻ ۽ قتل ۾ ملوث مُک جوابدار ياسين جٽ کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڊي آءِ جي سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد قتل ٿيل نوجوان گهنشام جي وارثن چئن ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن ٻڪريون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي ڀاڳئي گهنشام ڀيل کي ڦورن قتل ڪري ڇڏيو هو. پوليس وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مک جوابدار ياسين جٽ کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي. جنهن بعد مقتول جي وارثن ڪنري ۾ ڌرڻو هنيو هو. جنهن جي ڪنري جي شهرين ۽ واپارين به حمايت ڪئي ۽ شهر بند ڪري گهنشام جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻي ۾ به شرڪت ڪئي. ڪُنري پوليس متاثر خاندان ۽ ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن کي 24 ڪلاڪن اندر مُک جوابدار ياسين جٽ کي گرفتار ڪرڻ جي پَڪ ڏني، پر 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مُک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي . وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس اِن ضد تي آهي ته متاثر ڪُٽنب ڌرڻو ختم ڪري ته اُن کانپوءِ ياسين جٽ جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ ته ياسين جُٽ کي بااثر ماڻهن جي پُٺڀرائي حاصل آهي. ايس ايس پي عمرڪوٽ موڪل تي هجڻ ڪري چارج ايس ايس پي مٺي سنڀالي رهيو آهي، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس مختلف وقتن تي متاثرن سان چڪريون به ڪيون ۽ ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گهنشام جي ڪُٽنب ۽ شهرين ياسين جٽ جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڌرڻي ۾ رکيل نوجوان گهنشام جو لاش بدبو ڪرڻ لڳو ته متاثرن توڙي شهرين لاش جي ڀرپاسي برف رکي ۽ صندوق ۾ بند ڪري ڇڏيو.هوڏانهن اطلاع آهن ته ياسين جٽ گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ لڪي ويو آهي. مقتول جي والد جهنور ڀيل جو چوڻ آهي ته هنن ووٽ پي پي کي ڏنو پر چونڊيل نمائندا سندس مدد نٿا ڪن. علائقي جي سياسي، سماجي ۽ ڪجهه مذهبي ڌرين به متاثره خاندان سان گڏ آهن. قتل جو ڪيس داخل ٿيو آهي ٻه جوابدار گهمن ۽ گهمشاڻ ڀيل گرفتار به ٿيا آهن پر اصل جوابدار ياسين جٽ کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين شڪيل باجوا ڌرڻي وارن وٽ همدردي لاء آيو پر متاثره خاندان کيس واپس ڪري ڇڏيو.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں