ڳالهيون حڪومت جي مفاد ۾ آهن، اسان ايلاز نه ڪنداسين: شبلي فراز

پشاور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز چيو آهي ته اسان ڳالهين لاءِ ايلاز نه ڪنداسين، حڪومت پاڻ اڳرائي ڪري. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اسان سمجھون ٿا اسان سان زيادتي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، حڪومت جي مفاد ۾ آهي ته اها باضابطا طور ڳالهين جي آڇ ڪري، جيڪڏهن ڳالهين سان حل نڪري ٿو ته اهو بهتر هوندو. سندس موجب پي ٽي آءِ باني جو بيان آيو آهي ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪري سگهن ٿا، اسان جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن سان باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ملاقات ئي نه پئي ڪرائي وڃي، جيستائين باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ٿيندي، تيستائين ڪميٽي جي حدن پتو نه پئجي سگهندو. هن چيو ته جڏهن حڪومت اپوزيشن کي هينڊل نه ڪري سگهي ته ملڪ جو وڌيڪ نقصان ٿيندو آهي، ملڪ جي فائدي ۾ آهي ته سياسي استحڪام هجي، ان سان معاشي استحڪام به جڙيل آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر کنيو آهي، حڪومت امن امان ۽ ٻين مسئلن کي اڪيلي سر حل نٿي ڪري سگهي، حڪومت وٽ نه ته مينڊيٽ آهي ۽ نه ئي عوام جي حمايت حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو