نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گوگل طرفان واهپيدارن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته ڊسمبر ۾ سمورا غير فعال جي ميل اڪائونٽس ڊليٽ ڪري سگھجن ٿا. واضح رهي ته گوگل مئي 2023ع ۾ اعلان ڪيو هو ته گذريل 2 سالن کان غير فعال اڪائونٽس کي ڊليٽ ڪيو ويندو. هاڻي ڪمپني طرفان واهپيدارن کي ان حوالي سان خبردار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.جي ميل، ڊاڪس، ڊرائيو، ميٽ، ڪيلينڊر، يوٽيوب ۽ فوٽوز لاءِ غير فعال گوگل اڪائونٽس تي اها پاليسي لاڳو ٿيندي.ڪمپني موجب جيڪڏهن واهپيدار غير فعال گوگل اڪائونٽس تي لاگ ان نه ٿيندا ته انهن کي 1 ڊسمبر 2023ع تي ڊليٽ ڪيو ويندو.30 نومبر تائين واهپيدار غير فعال جي ميل اڪائونٽ سميت رڪوري اي ميل اڪائونٽس تي مختلف اي ميلز موڪليون وينديون ۽ پوءِ اڪائونٽ يا مواد ڊليٽ ڪيو ويندو.جيڪڏهن واهپيدار طرفان ڪجهه نه ڪيو ويو ته ان جو اڪائونٽ ڊليٽ ڪيو ويندو ۽ پوءِ ان تائين پهچي ممڪن نه هوندي.اها پاليسي مستقبل ۾ به لاڳو ٿيندي يعني جيڪڏهن واهپيدار ڪو اڪائونٽ 2 سالن تائين استعمال نٿو ڪري ته ڪمپني طرفان ان کي ڊليٽ ڪيو ويندو.بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ان جو سولو حل اهو آهي ته پنهنجي گوگل اڪائونٽ تي هر 2 سالن ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ضرور لاگ ان ٿيو ته جيئن ڪمپني ان کي فعال تصور ڪري.حقيقت ۾ ضروري ناهي ته جي ميل تي لاگ ان ٿيو، بس ان اڪائونٽ کي يوٽيوب تي استعمال ڪريو، گوگل ڊرائيو کوليو، گوگل سرچ ڪريو يا ٿرڊ پارٽي ايپ کي ان اڪائونٽ سان لنڪ ڪري ڇڏيو تڏهن به ان کي ڊليٽ ٿيڻ کان بچائڻ ممڪن ٿي ويندو.
ڪراچي ۾ انتظامي غفلت سبب هڪ ٻيو ٻار گٽر ۾ ڪِري فوت
شڪارپور جو امن هٿ وٺي خراب ڪيو ويو آهي: حليم عادل
انٽرنيٽ جي ذريعي ڪهڙا حملا ٿي رهيا آهن؟: شرميلا فاروقي
2024ع ۾ هزارين اسٽريٽ ڪرمنلز جي بري ٿيڻ جو انڪساف
سنڌ ۾ 2024ع ۾ رولو ڪتن 3 لک ماڻهن کي ڏاڙهيو
پ پ چيئرمين جي تربت ۾ مسافر بس تي حملي جي مذمت
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٻيهر ملتوي
اسرائيل جي غزه ۾ بمباري، 65 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد
ذوالفقار ڀٽو جي 97هين سالگره ملهائي پئي وڃي، خراج پيش،تقريبون منعقد
احمدپور ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
ن ليگ کي احساس ناهي، حمايت واپس ورتي ته حڪومت ختم ٿي ويندي
ليسڪو ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيل 12 آفيسرن جي بحالي جو نوٽيس
راولپنڊي ۾ زنده ڪڪڙ جي اگهه ۾ واڌ
ڀٽو شهيد پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو معمار هو، صدر زرداري
گرينڊ جرگيءَ جي معاهدي موجب ڪرم ۾ امن کي هر حال ۾ يقيني بڻايو ويندو
قلات ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلو
پاراچنار هاءِ وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند
ڪراچي جي ٻن ضلعن ۾ نئين پاسپورٽ آفيسون قائم
چڪوال ۾ استاد پاران مدرسي جي شاگردياڻي سان زيادتي
دپيڪا پڊوڪون 39 سالن جي ٿي وئي