اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ججن خلاف 10 شڪايتن جو جائزو ورتو ويو ۽ ناڪافي ثبوتن جي بنياد تي انهن کي رد ڪندي خارج ڪيو ويو. اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس عامر فاروق، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ، چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ شرڪت ڪئي. اجلاس بعد جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جو به جائزو ورتو ويو ۽ ڪائونسل اجلاس ۾ ضابطا اخلاق ٺاهڻ بابت تجويزن تي به غور ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار تجويز پيش ڪئي ته ڪائونسل جي سيڪريٽريت ۽ گهربل اسٽاف مقرر ڪيو وڃي. سيڪريٽري سپريم جڊيشل ڪائونسل جي تجويز تي ضابطن جو مسودو ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڪائونسل چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي ٽن مهينن لاءِ ڪائونسل جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو اختيار پڻ ڏنو. پڌرائي موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس هر مهيني منعقد ڪيو ويندو. ججن خلاف ڪوڙيون درخواستون داخل ڪندرن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس به ٿيو. 26 هين آئيني ترميم بعد ڪائونسل جي ٻئي اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٺاهڻ تي غور ڪيو ويو. چيف جسٽس افريدي جي صدارت م ٿيل اجلاس ۾ جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل (ويڊيو لنڪ ذريعي)؛ جسٽس محمد شفيع صديقي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جناب اعظم نذير تارڙ، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير . جناب منصور عثمان اعواڻ، اٽارني جنرل فار پاڪستان؛ سينيٽر فاروق حميد نائيڪ؛ سينيٽر سيد شبلي فراز؛ شيخ آفتاب احمد، ميمبر قومي اسيمبلي؛ محترم عمر ايوب خان، ميمبر قومي اسيمبلي؛ محترمه روشن خورشيد بروهي، محترم ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي وزير قانون سنڌ ۽ قربان علي ملاڻو، ميمبر سنڌ بار ڪائونسل. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار به ڪميشن ۾ سيڪريٽري طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تفصيلي غور بعد فيصلو ڪيو ويو ته 24 نومبر تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کي آئيني بينچ جو ميمبر مقرر ڪيو وڃي ۽ وڌيڪ فيصلو 25 نومبر تي رٿيل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.
ڪئنال قبول ناهن، سنڌو درياه اسان جي ماءُ آهي
في يونٽ تي 26 رپين تائين رليف، سهولت پيڪيج جو اعلان
ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
ملڪ ۾ فائيو جي انٽرنيٽ سروس لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعظم
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيل ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
دادو شهر ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان بيدردي سان قتل