10 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي واقعي تي گهرو وزير پاران رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيوهڻ ۾ 10 ورهين جي ٻارڙي سان ميبنا زيادتي جي واقعي تي سنڌ جي گهر وزير ضيا الحسن لنجار ايس ايس پي کان تفصيل گهري ورتو، ضيا الحسن لنجار چيو ته واقعي جي جاچ ۾اڳڀرائي لاءِ شروعاتي پوليس قدمن ۾ دير نه ڪئي وڃي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ضلعي سطح تي قدم کنيا وڃن، ڪارگر ۽ اڻ ڌري جاچ تحت ڏوهارين کي سزا جي ٻڌڻي کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيوته متاثر ٻارڙي ۽ ان جي خاندان جو تحفظ ڪيو وڃي، متاثر خاندان کي تڪڙو انصاف ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو