نيوزيلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن 251 رنسن جي اننگ کيڏندي ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. پر ويسٽ انڊيز هن وقت نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست جي ڪناري تي آهي هيملٽن ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ 519 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪئي. جواب ۾ ويسٽ انڊيز 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي پر ٻي اننگز ۾ ويسٽ انڊيز کي ٽئين ڏينهن مصيبت ۾ وڌو ويو ۽ ڏينهن جي آخر ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون .نيوزيلينڊ جي ڪپتان پهرين اننگز ۾ ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪيا.ڪين وليمسن 251 رنسن جي اننگز ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن 2015 ۾ سري لنڪا جي خلاف 242 جي اننگز کيڏي هئي. اها سندس ٽين ٻٽي سينچري هئي.ڪين وليمسن نيوزيلينڊ جو نرن اهڙن بيٽنگ ڪندڙ ۾ شامل آهي جن250 رنسن جي اننگز کيڏي آهي ان کان پهريان اسٽيفن فليمنگ 2 ڀيرا 250 کان وڌيڪ رنس ڏئي ٺاهي چڪو آهي .ڪين وليم سن هملٽن جي سڊني پارڪ ۾ آخري 10 اننگز ۾ 144.14 جو اوسط سان رنسون ٺاهيون آهن. انهي دوران هن 108 جي ناٽ آئوٽ ، 176 ، 200 ناٽ آئوٽ ۽ 251 رنسن جي اننگ کيڏي آهي . اهو ٻيو ڀيرو هو جڏهن ڪين وليمسن 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ بيٽنگ ڪئي هئي. وليمسن اننگز دوران 624 منٽن تائين بيٽنگ ڪئي. ان کان پهريان هن سري لنڪا خلاف 623 منٽ لاءِ بيٽنگ ڪئي. انهي دوران هن 242 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي هئي.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ