اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري ’يونيسيف‘ پاڪستان تي فوري طور فضائي آلودگي گهٽ ڪرن لاءِ وڌيڪ هنگامي اپاءَ وٺڻ لاءِ زور ڀريو آهي. پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاديل سومر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب جي متاثر علائقن ۾ پنجن سالن جي عمر کان گهٽ وارا 11 لک ٻار فضائي آلودگي جو شڪار آهن ۽ خطري جي منهن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته انتهائي خراب فضائي صورحال ۾ بارن جي ڦڦڙن ۽ دماغ جي واڌ متاثر ٿيندي. پنجاب حڪومت گذريل مهيني صوبي ۾ هوا جي خراب معيار کي ”قدرتي آفت“ قرار ڏنو هو. پنجاب جي وڏن شهرن ۾ اسڪول 17 نومبر تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻارن کي فضائي لودگي کان بچائي سگهجي. پنجاب حڪومت عوام کي 17 نومبر تائين پبلڪ پارڪ، چڙيا گهرن، راند جي ميدانن ۽ ميوزيم ۾ داخل ٿيڻ کان به روڪيو آهي، دونهون خارج ڪندڙ بٺن ۽ ٻين فيڪٽرين کي بند ڪرايو آهي ۽ دونهون خارج ڪندر گاڏين خلاف مهم به شروع آهي. ان جي باوجود به يونيسيف جي نمائندي حڪومت تي فضائي آلودگي جي خطرناڪ حد تي ڪنٽرول لاءِ وڌيڪ فوري اپائن لاءِ زور ڀريو آهي. عالمي معيار موجب فضا ۾ 300 کان مٿي آلودگي جي شرح انساني جانين لاءِ هاڃيڪار آهي پر پنجاب جي 7 شهرن لاءِ ۾ اڄ هوا جي معيار جو انڊيڪس 400 کان مٿي رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سيالڪوٽ ۾ اها شرح هڪ موقعي تي 774 تائين پهچي وئي هئي. ملتان ۾ خراب ايئر ڪوالٽي 762، منگلا ۾ 527، پنڊي ڀٽيان 584، رحيم يار خان 561، لاهور 447 ۽ روجهاڻ ۾ 418 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. يونيسيف جي نمائندي بيان ۾ چيو آهي ته مونکي سخت ڳڻتي آهي ته 11 لک کان مٿي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار آلوده ۽ زهريلي فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. آلودگي ايتري وڌيڪ آهي جو اها خلا مان به واضح طور ڏسي سگهجي ٿي. عالمي معيار کان ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي خراب فضا ٻارن ءٌ ڳورهارين عورتن لاءِ به خطرناڪ آهي. هو وقت کان اڳ گهٽ وزن وارن ٻارن کي جنم ڏينديون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪسات ۾ موجوده بدترين فضائي آلودگي کان اڳ 12 سيڪڙو ٻار فضائي آلودگي سبب فوت ٿيا هئا.
شرجيل جي بلاول سان ملاقات،مختلف مامرن تي ڳالهيون
سنڌ حڪومت قابل تجديد توانائي جي تمام وڏن منصوبن تي تيزي سان عمل ڪري پئي
ڳالهين کان پاسو غير جمهوري رويو آهي،شهباز شريف
نون ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 11 فيبروري تي طلب
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ خان جي آزادي جي درخواست رد
نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي
ڪابينا ميمبر ڪارگردگي ڏيکارين،پ پ قيادت جي هدايت
ڪشمور ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
مديجي ويجهو ڳوٺ فقير پور ۾ معصوم ٻارڙو ارڙي وگهي فوت
ايڊيشنل رجسٽرار خلاف شوڪاز واپس، مامرو چيف جسٽس حوالي
وس هلي ته ٽيڪس شرح 15 سيڪڙو گهٽ ڪري ڇڏيان
اوٻاوڙو پوليس پاران ڪچي مان 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
ملڪاڻي شريف ويجهو جِنُ ڪڍڻ بهاني جعلي ڀوپن هٿان نوجوان ناري قتل
پي ٽي آءِ وارا پرڏيهي سازشون بند ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن: شرجيل ميمڻ
بشريٰ بي بي جي شڪايتن تي علي امين گنڊاپور کي هٽايو ويو: مريم
نئين چيف ڪمشنر جي مقرري تي صلاح مشورن جو سلسلو شروع نه ٿيو
سانگهڙ، قتل ٿيل ٽن نوجوانن جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو جاري
سينيٽ جي گهرو ڪميٽي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس جاري
ملتان ۾ گئس ڀريل باؤزر فاٽڻ سبب 6 ڄڻا اجل جو شڪار، 31 زخمي