اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، شماريات کاتي طرفان هفتيوار جاري ڪيل رپورٽ موجب مهانگائي ۾ 0.01 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کان پوءِ مهانگائي جي گڏيل شرح 14.36 سيڪڙو ٿي وئي.شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 15 شين جي قيمتن ۾ اضافو جڏهن ته 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 7 روپيه 40 پئسن جو اضافو ٿيو. زنده ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت 16 روپيه 7 پئسن جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو.جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ بجلي في يونٽ 26 پئسا مهانگو ٿيو جڏهن ته چڻن جي دال 9 روپيه 26 پئسا، ٿوم 12 روپيه في ڪلو، گوشت في ڪلو 11 روپيه ۽ ڪڪڙ جي في ڪلو قيمت ۾ 14 روپين جو اضافو ٿيو.شماريات کاتي جي رپورٽ موجب تازو کير، دهي، گيهه، ٽوٽا باسمتي چانور مهانگي ٿيل شين ۾ شامل آهن. جڏهن ته ڪيلا في درجن 8 روپيه، ماش جي دال به 8 روپيه ۽ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 17 روپين تائين سستو ٿيو.
شاهزيب رند ڪراٽي ڪامبيٽ جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو
مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪيو وڃي، اياز جو سلطان کي خط
جيڪڏهن آئيني ترميمي بل پاس ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي ها
شاهه سان روٽري وفد جي ملاقات، پوليو خاتمي تي زور
لاهور جو جلسو آر يا پار ٿيندو، روڪيو ويو ته جيلون ڀري ڇڏينداسين
ڪنهن به اداري کي آئين جي مرضي موجب تشريح جو حق نه هجڻ گهرجي
فوت ٿيلن جي ڪارڊن تي جاري سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ٿينديون
ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار
جمهوريت جو تماشو بڻايو ويو آهي، حڪومت 45 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي
علي امين پختونخواهه نه افغان صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو: ڪنڊي
فيض ذميوار عهدي تي ويهي سياسي پارٽي کي مٿي آڻي رهيو هو
ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس
پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو
جيڪب آباد پوليس ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدر جيل حوالي
9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي
جسٽس جهانگيري جي تبديلي وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم رد
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم
گوگل جو اي آئي تصويرن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، گهرو وزارت ۽ آءِ جي کي نوٽيس جاري
پاڪ آمريڪا لاڳاپا علائقائي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ اهم آهن: جوبائيڊن