17 سئو يوٽيلٽي اسٽور بند ڪري هزارين ملازمن کي برطرف ڪرڻ فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت نجڪاري منصوبي تحت نقصان ۾ هلندڙ 1700 يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سينيٽر عون عباس جي صدارت هيٺ سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مستقبل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز حڪومت جي نجڪاري واري فهرست ۾ شامل آهن، پر ٻن سالن کان آڊٽ نه ٿيڻ سبب نجڪاري جو عمل رڪيل آهي، آڊٽ آگسٽ 2025 تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. سينيٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت 3200 کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورز موجود آهن، جن مان 1700 نقصان ۾ هلي رهيا آهن ۽ انهن کي بند ڪيو ويندو، نجڪاري کانپوءِ رڳو 1500 اسٽورز لاءِ عملي جي ضرورت هوندي، جڏهن ته باقي ملازمن کي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو. اختيارين موجب، يوٽيلٽي اسٽورز ۾ 5000 ملازم مستقل آهن، جڏهن ته اٽڪل 6000 ملازم ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيا آهن. مستقل ملازمن کي سرپلس پول ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي ڪو به پيڪيج نه ڏنو ويندو ۽ نجڪاري کانپوءِ کين برطرف ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو ماهوار خرچ 1 ارب 2 ڪروڙ رپيا هو، پر نقصان ۾ هلندڙ اسٽورز بند ڪرڻ سان اهو گهٽجي 52 ڪروڙ رپيا ٿي ويو آهي، هڪ مهيني ۾ نقصان 22 ڪروڙ رپيا گهٽ ٿيو، جنهن بعد مجموعي نقصان 17 ڪروڙ رپيا گهٽجي 50 ڪروڙ رپيا رهجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو