18 ورهين جو ٽينس رانديگر روڊ حادثي ۾ فوت

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي رياست تامل ناڊو سان تعلق رکندڙ 18 سالن جو ٽيبل ٽينس رانديگر وشوا ڊينادلان آچر تي بدترين ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ٽيبل ٽينس فيڊريشن آف انڊيا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته وشوا ٽن ساٿين سان گڏ 83هين سينيئر نيشنل ۽ انٽر اسٽيٽ ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ لاءِ گوهاٽي کان شيلانگ وڃي رهي هئي. انٽر اسٽيٽ ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ اڄ کان شروع ٿيندي وشوا سان گڏ سفر ڪندڙ ٽي ٻيا ماڻهو، رميش سنتوش ڪمار، ابيناش پرسانا جي سري نواسن ۽ ڪشور ڪمار سخت زخمي ٿي پيا، پر ڊاڪٽرن انهن جي حالت مستحڪم قرار ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو