1857ع ۾ ڪراچي ۾ فوجي بغاوت ۽ مزاحمتي تحريڪ

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ ۾ انگريز سرڪار مياڻي ۽ دٻي جي جنگ جي ڪاميابي کان پوء ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ سنڌ جي ھر ضلعي ۾ پڙھيل ڳڙھيل سمجھدار باشعور عملدار بطور ڪمشنر مقرر ڪيا ڪراچي ۾ به تاريخي شخصيت جي حامل سر بارٽل فريئر کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو جنھن ڪراچي ۾ فوجي ڇانوڻي قائم ڪرڻ سان گڏو گڏ ترقياتي ڪم به ڪرايا پوري ڪراچي ۾ تاريخي عمارتون قائم ڪري تحقيق ۽ تاريخ جو دائرو وڌايو ۽ ان ۾ ڪنھن جي مداخلت به برداشت ڪونه ڪندا ھئا ۔ٻين ڪمن کان علاوه انگريز سرڪار باقاعده ھڪ لکت ۾ حڪم نامو به جاري ڪيو ته جنھن عملدار ۽ سرڪاري ڪاموري کي سنڌي ڳالھائڻ ۽ پڙھڻ نٿي اچي ته اھي سنڌي سکن ٻي صورت ۾ انھن کي نوڪري مان ڪڍيو ويندو انگريز سرڪار جو ھي حڪم نامو مستقبل سنڌ لاء ڏاڍو فائيدمند ثابت ٿيو ان دوران حڪومت ۾ شامل انگريز عملدارن کي به سنڌي سکڻي پئي ۽ اھي ڪم ڪار کان علاوه به زندگي جي مختلف شعبن ۾ سنڌي سرڪاري زبان جي طور تي لاڳو ڪئي وئي ۔
ٻيو انگرريز سرڪار جو اھم قدم فوج ۾ مقامي ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ ھو جئين سولائي سان سنڌ تي حڪومت ڪري سگھجي پر اندروني طور تي انگريز سرڪار لاء نفرت ماڻھن جي دلين ۾ موجود ھئي ۔1857 ع جي ٻي مھاڀاري جنگ شروع ٿي ته ان جا اثر ھند ۽ سنڌ تي به پيا ھند ۾ نه کٽندڙ گوريلا ڪاروايون شروع ٿي ويون جئين انگريز کي پنھنجي ڌرتي تان تڙي سگھجي اھڙيون ڪجھ ڪاروايون سنڌ جي به مختلف شھرن ۾ ٿيون جن ۾ حيدرآباد ۽ جيڪب آباد شامل آھن پر خاص طور تي ڪراچي ۾ وڏي بغاوت ٿي جو انگريز جي فوج ۾ شامل مقامي فوجي جن ۾ ڪراچي جا اصلوڪا رھواسي ۽ بنگال جا به سپاھي شامل ھئا انھن سپاھين به پاڻ ۾ گڏجي ڪري فيصلو ڪيو ته انگريز سرڪار کي ھتان ڪڍجي اھي سڀ ھڪ پلاننگ تحت فوج ۾ ڀرتي ٿيا جنھن کي 21 ريجمنٽ جو نالو ڏنو ويو ۔جن ڪافي مھينن کان تياري ڪئي پئي ته فوج ۾ بغاوت ڪري مزاحمتي تحريڪ ھلائجي جن جي اڳواڻي ڪراچي جي رھاڪو رام دين پانڊي ۽ سورج بالي تيوري ڪري رھيا ھئا تاريخي ڪتابن جي حوالن سان ته 13 سيپٽمبر 1857ع ۾ ھي بغاوت جي سازش تيار ڪئي وئي ۔جئين فوج ۾ بغاوت ڪري آزادي جي گوريلا جدوجھد جي شروعات ڪئي وڃي اھي ان ڳالھ کان ناواقف ھئا ته انگريز ڪيڏو ھوشار ۽ چالاڪ آھي جيڪو سڄو برصغير فتح ڪري سنڌ تائين پھتو آھي اھو ڪئين غافل رھي سگھي ٿو انگريز سرڪار کي فوري طور تي انھي بغاوت جي کڙڪ پئجي وئي ۽ ھو مڪمل طور تي انھن باغين جي نظرداري ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ انھن جي نقل و حرڪت تي ڪڙي نظر رکي رام دين پانڊي جي ساٿين جي ڪيل ڪاروائي تي قابو آڻيندي 21 فوجي سپاھين کي گرفتار ڪري بغاوت کي ناڪام بنايو ويو ۽ پنجن مک اڳواڻن کان علاوه سڀني سپاھين کي فوري طور تي گولين سان اڏائي لاشن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري کارادر ويجھو سمنڊ جي حوالي ڪيو ويو ۔۽ باقي بچيل انھن جي اڳواڻن کي 14 سيپٽمبر 1857ع تي جتي ھاڻي ايمپريس مرڪيٽ تعمير ڪئي وئي آھي اتي ان زماني ۾ وڏو ميدان ھو جيڪو فوجي ڇانوڻي جي طور تي ڪتب ايندو ھو ان ميدان ۾ توپون موجود ھيون ۔رام دين پانڊي سورج بالي ۽ ٻين ساٿين کي اانگريز سرڪار ان دور جي ڪمشنر بارٽل فريئر حڪم نامو جاري ڪيو ته انھن گوريلن کي اھڙي نموني سان ماريو وڃي جو انھن جي پويان ڪابه يادگار ۽ نشاني نه ھجي ھو سنڌي ماڻھو جي نفسيات کان مڪمل طور تي واقف ٿي چڪا ھئا آخر اھو فيصلو ته انھن گوريلن کي توپ جي منھن ۾ ٻڌي اڏايو وڃي جئين لاش ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ۽ انھن جي پويان ڪوبه نشان باقي نه رھي اھڙي ريت انھي فوجي حڪمنامي تي عمل ڪندي سنڌ جي سپوتن سان اھڙو عمل ڪيو ويو ۔جيڪي شھيد ٿي امر ٿي ويا ۽ سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب جي صورت ۾ اڄ به لکين سنڌين جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ۔اڃان به وڌيڪ انگريز سرڪار انھي ميدان کي ختم ڪري جئين ھتي انھن شھيدن جو ڪو يادگار نه قائم ٿي سگھي ان ميدان تي 1884ع تي ايمپريس مارڪيٽ جي پيڙه جو پٿر رکندي اتي وڏي مارڪيٽ ٺاھڻ شروع ڪئي جيڪا انگريز انجنيئر جيمز اسٽريچن نقشو تيار ڪيو جنھن جي نالي سان ڪراچي ۾ اسٽريچن روڊ به آھي ۔انھي ساڳئي انجنيئر ڊي جي ڪاليج ۔سنڌ مدرسه السلام سميت ڪيترن ٻين جاين جا به نقشا تيار ڪيا ۔ايمپريس مارڪيٽ ۾ 64 فٽ ويڪريون چار گيلريون آھن عمارت تي 140 فٽ اوچو مينار ٺھيل آھي جنھن تي چئني پاسي گھڙيال لڳل آھن ۔
ھتي ايمپريس مارڪيٽ ان ڪري ٺاھيو ويو ته جئين ھتي ڪيرشھيدن جو يادگار نه ٺاھي سگھي تاريخي حوالن مان ذڪر ملي ٿو ته ايمپريس مارڪيٽ ٺھڻ کان اڳ ھن ميدان تي سوين ماڻھو اھو ھنڌ ڏسڻ ايندا ھئا جتي شھيدن کي سولي جو سينگھار بڻايو ويو ۔اتي اچي ڪري گل نڇاور ڪندا ھئا ۽ ھر طرف ڳاڙھا گل ھوا ۾ جھومندا ھئا ۔انگريز سرڪار شھيدن جي رت کي لڪائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر رام دين ۽ سورج بالي ۽ ٻين شھيدن جي رت جي لالاڻ انھن گلن ۾ شامل ٿي اسان کي ھميشه اھو واقعو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي رھندي آھي پر اسان ڪافي سالن کان انھن شھيدن کي وساري ڇڏيو ھو جن پنھنجي جان جو نذرانو ڏيئي عالمي سامراج کي للڪاريو ھو ۽ پوري دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو ھو ۔
موجوده دور جي تقاضا آھي ته ايمپريس مارڪيٽ جي ديوارن تي انھن اقلابين جا نالا ۽ قول لکيا وڃن ۽ مستقل طور تي انھي کي شھيدن جي يادگار جي طور تي ياد ڪري اتي را دين پانڊي سورج بالي جي نالي جي تختي لڳائي وڃي ۽ ھر سال 14 سيپٽمبر تي انھي ھنڌ تي ڏيئا ٻاري وڏو ميڙاڪو ڪيو وڃي اظھار جي آزادي ۽ شھيدن کي ياد ڪرڻ اخلاقي فرض آھي اسين انھي فرض کان ڪافي سالن کان وٺي غافل آھيون ۔تاريخ جي صفحن تي ھي بھادر گوريلا امر ٿي چڪا آھن پر عملي طور تي انھن جي ڏنل قربانين کي ياد ڪيو وڃي جئين اسان جو ايندڙ نسل اڃان به وڏيڪ انھي عمل مان لاڀ حاصل ڪري سگھي ۽ پنھنجن سورمن جي ڏنل ريٽي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺي سگھي ۔سنڌ جي تاريخ جو ھي مزاحمتي باب جنھن کي گم ڪيو ويو ھو اڄ ٻيھر سنڌ جي باشعور ذھن رکندڙ اداري انجمن ترقي پسند مصنفين جياريو آھي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو