گريڊ 19 ۽ 20 هين جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي(اسٽاف پورٽر)سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي 19هين ۽ 20هين گريڊ جي آفيسرن ۽ ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، ڊي سي دادو مختيار ابڙو کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ليبر کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري مرتضي شاھ کي بدلي ڪري ڊي سي دادو مقرر ڪيو ويو ،بورڊ آف روينيو جي ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن سليم بلوچ کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڳوٺ آباد جي ميمبر کي بدلي ڪري عمر فاروق بلو کي ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن مقرر ڪيو ويو، ميمبر ڳوٺ آباد جي اضافي چارج به سندس حوالي ڪئي وئي آهي،چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد 20هين گريڊ جي آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري جاري ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو