وزيراعظم، دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 190 ملين پائونڊ(60 ارب روپيه) جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو.اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ٿورائتو آهيان.وزيراعظم چيو ته چئني صوبن کان ٻار هتي اچي تعليم حاصل ڪري سگهندا، دانش يونيورسٽي ۾ صرف ميرٽ تي داخلا ملندي. غريب ٻارن ۽ ٻارڙين کي مفت تعليم ڏني ويندي. هن چيو ته بهترين تعليم، استادن ۽ ريسرچ سينٽر جي حوالي سان هي يونيورسٽي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪندي. 14 آگسٽ 2026 تي هن يونيورسٽي جو پهريون سيڪشن فعال ٿي ويندو.منصوبه بندي واري وزير احسن اقبال چيو ته اهو منصوبو 190 ملين پاونڊ رقم سان ٺاهيو پيو وڃي جيڪو پاڪستاني عوام جي ملڪيت هو. گذريل حڪومت بدقسمتي سان انهي رقم کي عوام کان ڦري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جا ٿورائتا آهيون جن عوام کي انهن جي امانت واپس ڪئي. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته دانش يونيورسٽي اڙان پاڪستان پروگرام جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي ثابت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو