190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ ڪيس ۾ بري ڪرڻ ۽ ٽرائل روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيستائين ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ٽرائل ڪورٽ کي ٽرائل اڳيان وڌائڻ کان روڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي ڪري حڪم ڏنو آهي ته ٽرائل ڪورٽ ٽرائل مڪمل ڪري وٺي پر حتمي فيصلو نه ٻڌائي.عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن کي لاڳاپيل دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ بري ڪرڻ وارين درخواستن تي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تاين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف درخواست تي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو