ڌاٻيجي(رپورٽر)اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو پاڻي جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جي درياهه ۽ واھن جي پيٽن ۾ پاڻي جي اڻھوند جي ڪري واري اڏامي رھي آھي ۽ پنجاب ۾ بمپر فصل پيا ٿين، ھي اھو پاڪستان ڪٿي آھي جنھن جي ڳالھ 23 مارچ 1940ع جي قرارداد پاڪستان ۾ ڪئي وئي، ھتي ته قدم قدم تي اڻبرابري ۽ ھر پاليسي ۽ فيصلي ۾ ناانصافي آھي،اسان کي انصاف ڀريو پاڪستان کپي جنھن ۾ سنڌ جي ٻچن کي به جيئڻ جي ضمانت ھجن، پاڪستان صرف پنجاب نہ آھي ھن چيو ته پاڻي جي ورھاست قائدن موجب ٿيڻ کپي ۽ سنڌ جا رد ڪيل ڪينال فوري طور تي ھر فورم تان خارج ڪري ختم ڪيا وڃن. وفاقي حڪومت، ارسا ۽ ٻيا ادارا يزيديت ڇڏي سنڌ جي احتجاج کي ڏسن ۽ سنڌ جي ماڻھن جي اکين ۾ غم ۽ غصو پڙھي وٺن ته بھتر آھي، نه ته اھا ڪاوڙ سخت نفرت ۾ بدلجندي دير نه ڪندي.
