راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي 59هين يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوجن پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان 1965ع جي جنگ جي فاتح ورثي کي فخر سان ياد ڪري رهيا آهيون.جيڪو قوم جي بي مثال عزم ۽ حوصلي جو مثال آهي.آءِ ايس پي آر موجب اڄوڪو ڏينهن مادر وطن جو بهادري سان دفاع ڪندڙ بهادر جوانن جي قربانين ۽ جرئت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 59 سال اڳ پاڪ فوج فيصلي سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي تاريخي فتح حاصل ڪئي جيڪا تاريخ ۾ هميشه لاءِ لکي ويندي.آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته 1965ع جي جنگ اميد جي هڪ کرن هئي، جنهن قوم جي حوصلي ۽ عزم جو مثال ڏٺو، جڏهن ته فورسز هر قسم جي خطرن ۽ چيلنجز خلاف ملڪ جي دفاع لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر پنهنجي هڪ بيان ۾ سمورن شهيدن ۽ ويڙهاڪن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جي خاندانن پنهنجي پيارن جون قربانيون حوصلي سان برداشت ڪيون.آءِ ايس پي آر موجب يوم دفاع جي موقعي تي شهيدن ۽ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، شهيدن جون قربانيون مضبوط، خوشحال ۽ پرامن پاڪستان لاءِ جدوجهد جاري رکنديون.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو