200 يونٽن واري صارفين کي 3 مهينن لاءِ رعايت ڏيون پيا، وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي ايندڙ ٽن مهينن لاءِ رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ توانائي واري شعبي ۾ سڌارن بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته سياست قربان ڪري رياست کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايوسين. وزير اعظم چيو ته ان کان پهريان سياست کي چمڪائڻ لاءِ وڏا وڏا ٻول ٻوليا ويا، چيو ويو هو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، پر اڃا ئي وڏا اسڪينڊل سامهون آيا. شهباز شريف ٻڌايو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد ۽ برآمد ۾ کيسا ڀريا ويا، چيو ويو ته لٽيل دولت واپس آڻينداسين پر 190 ملين پائونڊ تي به هٿ صاف ڪيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ تيل جا اگهه مٿي وڃي رهيا هئا پر بي اعتمادي واري رٿ کان بچڻ لاءِ تيل جا اگهه گهٽ ڪري معيشت کي نقصان پهچايو ويو. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ يقينن ٽيڪس لڳندو، پر اشرافيا تي ٽيڪس پهريون ڀيرو لڳو آهي، پهريون ڀيرو ريئل اسٽيٽ تي به ٽيڪس لاڳو ٿيو آهي جنهن سان 100 ارب ملڻ جو امڪان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزير اعظم ٻڌايو ته ڪراچي جي بندرگاهه تي سالياني 1200 ارب رپيا امپورٽ ٽيڪس جي چوري ٿيندي آهي، ملڪ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن کي بند ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو