اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) غير قانوني سمن تي پابندي جو ٻيو مرحلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ پي ٽي اي عملدارن چيو ته جن ماڻهن جي شناختي ڪارڊن جو مدو2017 کان اڳ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان جي تجديد نه ٿي آهي، انهن جون سمون بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سمز بلاڪ ٿيڻ کان بچڻ لاءِ شهري پنهنجا شناختي ڪارڊ تجديد ڪرائين، پهرين مرحلي ۾ جعلي سمن تي سمون بلاڪ ڪيون ويون ۽ شناختي ڪارڊ منسوخ ڪيا ويا.اختيارين جو چوڻ آهي ته 16 آگسٽ کان وٺي 69 هزار کان وڌيڪ غير قانوني سمز بلاڪ ڪيون ويون آهن، نادرا کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي غير قانوني سمن کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ٽئين مرحلي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي نالن تي رجسٽرڊ ٿيل سمز کي بند ڪيو ويندو، موبائل سمن جي بندش کان اڳ صارفين کي آگاهي جا پيغام موڪليا پيا وڃن.پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته جعلي سمز مختلف غير قانوني سرگرمين ۾ استعمال ٿي رهيون آهن، غير قانوني سمز دهشتگردي، مالي فراڊ ۽ ٻين سرگرمين ۾ استعمال ٿينديون آهن.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو