2023ع نوجوانن جو سال قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏئي ڇڏيو.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي حوصلا افزائي جاري رهندي ۽ مستحق ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا.هن چيو ته اسان يوٿ پروگرام شروع ڪيو، نوجوانن کي آسان شرطن تي بنا وياج جا قرض ڏنا ويا، نوجوانن کي پرڏيهه ۾ تعليم ڏني پئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هو وزيراعظم ٿيو ته ملڪ سخت معاشي مشڪلاتن ۾ هو، ملڪ ۾ ٻوڏ آئي پر نوجوانن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يوٿ پروگرام ۾ زراعت سميت آءِ ٽي جا شعبا به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو