2029 کان 2031 جي وچ ڌاران انسان مريخ تي پهچي ويندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)انسان اڃا تائين ڌرتي کان ٻاهر ڪنهن ٻئي سياري تي قدم نه رکيو آهي، پر ايندڙ ڪجهه سالن اندر نئين تاريخ رقم ٿيڻ واري آهي.گهٽ ۾ گهٽ اسپيس ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ جي دعوائن موجب، 2029 کان 2031 جي وچ ڌاران انسان مريخ تي پهچي ويندو.ايلون مسڪ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل بيان۾ ٻڌايو ته 2026 جي آخر تائين اسپيس ايڪس طرفان اسٽارشپ کي هڪ روبوٽ سان گڏ مريخ ڏانهن روانو ڪيو ويندو.ايلون مسڪ طرفان اهڙو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ اسٽارشپ جي اٺين آزمائشي اُڏام ناڪام ٿي ويئي هئي. هو ڊگهي عرصي کان مريخ تي انساني آبادڪاري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ 2016 ۾ هن چيو هو ته اميد آهي ته ”ريڊ ڊراگون“ اسپيس ڪرافٽ 2018 تائين مريخ تي پهچي ويندو. اسٽارشپ جي تياري کانپوءِ، هو ان کي مريخ تي انسان موڪلڻ جي لاءِ سڀ کان اهم اڳڀرائي قرار ڏيندو رهيو آهي. سيپٽمبر 2024 ۾ ايلون مسڪ چيو هو ته اسپيس ايڪس 2026 ۾ پهرين اسٽارشپ مشنز مريخ ڏانهن روانو ڪندو. ڄاڻايل مشنز تي ڪو به انسان سوار نه هوندو ۽ جيڪڏهن اهي ڪامياب ٿيا ته پوءِ 2028 ۾ خلا بازن کي مريخ تي موڪلي سگهجي ٿو. ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته انسانن بنا موڪليل مشنز جي ڪاميابي جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته ڇا راڪيٽ محفوظ طريقي سان مريخ جي سطح تي لينڊ ڪري سگهن ٿا يا نه. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن راڪيٽ ڪاميابي سان لينڊ ڪري ويا ته پوءِ چئن سالن اندر انسان بردار مشنز مريخ تي موڪليا ويندا، پر جيڪڏهن ڪو چئلينج سامهون آيو ته پوءِ خلا بازن کي موڪلڻ ۾وڌيڪ 2 سال جي دير ٿي سگهي ٿي. ايلون مسڪ چيو ته مريخ ڏانهن سفر هر ٻئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان دوران مريخ ۽ ڌرتي سج جي چوڌاري پنهنجي مدار ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا آهن. سندس چوڻ هو ته لينڊنگ ڪامياب ٿئي يا نه، اسپيس ايڪس طرفان هر ٻئي سال مريخ تي وڌ کان وڌ اسپيس شپ موڪليا ويندا. ايلون مسڪ جو چوڻ هو ته هوريان هوريان هزارين اسٽارشپ مريخ ڏانهن وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو