مشتاق علي لنڊ
23 مارچ 1940 جو ڏينهن هو ھڪ عزم ۽ نظريي جو پيغام ، جاڳي پيا خواب ، ٿي ويو حقيقت جو انجام ۔ قرارداد هئي تقدير بدلائڻ جو ساز ، جنهن لکيو آزاديءَ جو سونهري انجام ۔ تاريخ جي واقعن ۾ ڪجهه واقعا اهڙا به ھوندا آهن ، جيڪي قومن جي تقدير جو رخ موڙي ڇڏينديون آهن ، جيڪي مظلومن جي اميد بڻجي پوندي آهي، جيڪي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيندا آهن . 23 مارچ 1940ع به اهڙو ئي هڪ ڏينهن هو , هڪ وعدي جي تجديد ، هڪ آزاديءَ جي صدا ۽ هڪ نئين سحر جو اعلان . 23 مارچ 1940ع جو ڏينهن برصغير جي مسلمانن جي جدوجهد ۾ هڪ اهم ترين موڙ هو . اهو ڏينهن ، جڏهن لاهور جي منٽو پارڪ (هاڻ اقبال پارڪ) ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو ، جڏهن هر مسلمان جي دل ۾ هڪ نئون جوش ، هڪ نئون جذبو ۽ هڪ نئون خواب جاڳي پيو .قائد اعظم رح جي خطاب کانپوء شيرِ بنگال جي مولوي فضل الحق ” لاھور ٺھراء “ پيش ڪيو ، جيڪو لکين مسلمانن منظور ڪيو . ٺھراء ۾ چيو ويو ته اتر ۔ اولھ ۽ اوڀر وارن صوبن ۾ جتي مسلمانن جي گھڻائي آھي ان کي متحد ڪري ھڪ خود مختيار مسلم رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي . قرارداد پاس ٿيڻ تي لڳي پيو ڄڻ ته صدين کان وٺي مسلمانن جون دليون جنهن آواز جي منتظر هيون ، اهو آخرڪار زماني تي نروار ٿي پيو جنهن ۾ هڪ اهم قرارداد پاس ڪئي وئي ، جيڪا پوءِ قراردادِ پاڪستان جي نالي سان سڃاتي وئي . هيءَ اها قرارداد هئي ، جنهن ۾ واضح طور تي مسلمانن جي الڳ سڃاڻپ ۽ هڪ الڳ وطن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو . انگريزن جي حڪمرانيءَ هيٺ ، برصغير جي مسلمانن کي سدائين سياسي ، معاشي ۽ سماجي ڏاڍ جو شڪار ڪيو ويندو رهيو . جڏهن ته هندن جي اڪثريت جو غلبو وڌي رهيو هو ، مسلمان پنهنجي منفرد سڃاڻپ بچائڻ لاءِ فڪرمند هئا. ان پسمنظر ۾ علامه اقبال اڳ ئي 1930ع ۾ پنهنجي الہ آباد واري تقرير ۾ مسلمانن لاءِ هڪ الڳ رياست جو خواب ڏٺو هو ، جنهن کي پوءِ قائداعظم محمد علي جناح عملي شڪل ڏني . 23 مارچ 1940ع تي پاس ڪيل قرارداد جو بنيادي مقصد اهو هو ته مسلمان ، جيڪي پنهنجي ڌار مذهبي ، ثقافتي ۽ سياسي سڃاڻپ رکن ٿا ، انهن لاءِ هڪ الڳ وطن قائم ڪيو وڃي ، جتي هو پنهنجي زندگي کي اسلامي اصولن جي روشنيءَ ۾ آزادانه طريقي سان گذاري سگهن . قرارداد جون اهم ڳالهيون
1. هندستان جا مسلمان هڪ ڌار قوم آهن ، جيڪي پنهنجي الڳ تهذيب ، تمدن ، مذهب ، تاريخ، ۽ ثقافت رکن ٿا.
2. مسلمانن کي پنهنجو الڳ وطن ڏيڻ گهرجي ، جتي هو آزاديءَ سان پنهنجي زندگين جا فيصلا ڪري سگهن .
3. ڪا به اهڙي سياسي رٿا ، جيڪا مسلمانن کي هندن جي اڪثريت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏئي ، اها ناقابلِ قبول هوندي .
4. هندستان کي ورهائڻ کان سواءِ مسلمانن جي حقن جو تحفظ ناممڪن آهي .
هيءَ قرارداد پاڪستان جي آزاديءَ جو بنياد بڻجي وئي . ان کان اڳ تائين ، آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هڪ واضح منزل جو تعين نه ٿيو هو ، پر 23 مارچ کان پوءِ اهو واضح ٿي ويو ته مسلمانن جو واحد مقصد پاڪستان جو قيام آهي . 1940ع کان وٺي 1947ع تائين ، آزاديءَ جي تحريڪ هڪ نئون رخ وٺي اڳتي وڌي . آخرڪار 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان معرضِ وجود ۾ آيو ، جيڪو ان قرارداد جو عملي اظهار هو .
23 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان پاس ٿيڻ کانپوءِ ، انگريزن جي حڪومتي حلقن ۽ سياستدانن تيزيءَ سان ان تي غور ويچار ڪيو . انگريزن جو ردعمل حيران ڪندڙ ، محتاط ۽ سفارتي انداز ۾ هو ، ڇو ته اهي هندستان تي پنهنجي گرفت برقرار رکڻ چاهيندا هئا ۽ ڪنهن به نئين سياسي بحران کان پاسو ڪرڻ چاهيندا هئا . جڏهن قرارداد پاڪستان پاس ڪئي وئي ، ته انگريزن لاءِ هيءَ هڪ نئين ۽ غيرمتوقع ڳالھ هئي . اڳي تائين ، انگريز هندستان ۾ صرف هندستاني قومپرستن (ڪانگريس) ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ سياسي اختلافن کي ڏسندا هئا ، پر هاڻي کين احساس ٿيو ته مسلمان هڪ الڳ ملڪ جي مطالبي تي سنجيده ۽ اٽل آهن . انگريز فوري طور تي ڪنهن فيصلائتي موقف تي نه آيا . انهن جي حڪمت عملي اها هئي ته هو ڏسن ته هي تحريڪ ڪيتري سگهاري ٿئي ٿي . 1942ع تائين انگريزن مسلم ليگ کي ڪانگريس جي متبادل سياسي طاقت طور ڏسڻ لڳا . قرارداد پاڪستان تي انگريزن جو ردعمل محتاط ۽ سفارتي رهيو . پهرين ته هو ان کي نظرانداز ڪندا رهيا ، پوءِ ان کي روڪڻ لاءِ مختلف سياسي حربا آزمايائون ، پر آخرڪار جڏهن مسلمان پنهنجي مطالبي تي قائم رهيا ، ته انگريزن کي پاڪستان جو قيام تسليم ڪرڻو پيو . قرارداد پاڪستان , پاڪستان جي آزاديءَ جو بنياد ۽ ان جي نظرياتي اساس آهي . جيڪڏهن هيءَ قرارداد منظور نه ٿئي ها ته شايد پاڪستان جي تحريڪ ايتري تيزيءَ سان اڳيان نه وڌي سگهي ها . 23 مارچ 1940ع جي ڏينهن کي پاڪستان ۾ يومِ پاڪستان طور ملهايو ويندو آهي ، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ترين ڏينهن آهي. 1940ع جي قرارداد پاڪستان ۾ چيو ويو هو ته مسلمانن کي پنهنجو الڳ نظام ، ثقافت ۽ قانون ٺاهڻ جو حق ملڻ گهرجي. ان بنياد تي ، پاڪستان جو 1956ع، 1962ع ۽ 1973ع جو آئين به اهڙي طريقي سان ٺاهيو ويو ، جتي اسلامي اصولن کي ترجيح ڏني وئي . قرارداد پاڪستان ۾ اهو چيو ويو هو ته مسلمانن جي رهائشي علائقن کي خودمختيار بڻايو ويندو . هيءَ ڳالھ پاڪستان ۾ وفاقي نظام جي بنياد رکي ، جتي صوبن کي پنهنجو الڳ اختيار ڏنو ويو . قرارداد پاڪستان سبب پاڪستان ۾ اسلامي ۽ مشرقي ثقافت کي هٿي ملي . ان بنياد تي ملڪ ۾ اردو کي قومي زبان تسليم ڪيو ويو ۽ تعليمي نصاب ۾ به اسلامي اصولن کي شامل ڪيو ويو . 23 مارچ رڳو هڪ تاريخ نه آهي ، پر اهو اسان جي قومي سڃاڻپ ، عزم ۽ قربانين جو نشان آهي . هي اهو ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته اسان جو وطن بيشمار قربانين سان حاصل ٿيو . ان ڪري اسان تي فرض آهي ته پاڪستان جي استحڪام ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون . قرارداد پاڪستان جو نه رڳو پاڪستان جي آزاديءَ تي اثر پيو ، پر ان جو اسلامي دنيا ، برصغير جي سياست ۽ پاڪستان جي اندروني حالتن تي پڻ گهرو اثر رهيو . قرارداد پاڪستان جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ آيو ، جيڪو پهريون اسلامي ملڪ هو ، جيڪو خاص اسلامي سڃاڻپ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ ٺاهيو ويو . پاڪستان جي آزادي ٻين اسلامي ملڪن ، خاص ڪري عرب ۽ آفريڪي مسلمانن لاءِ به هڪ همت افزائي جو سبب بڻي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون تيز ٿي ويون . اڄ 23 مارچ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسين پنهنجن بنيادن کي نه وساريون ، اسين ان جذبن کي زندھ رکون ، جن پاڪستان کي جنم ڏنو . هيءَ زمين اسان جي عزتن ، اسان جي سڃاڻپ ۽ اسان جي مستقبل جو ضامن آهي . اچو ته هن ڏهاڙي تي واعدو ڪريون ته اسان پنهنجي وطن جي خوشحالي ، استحڪام ۽ ڀلائي لاءِ بنا ڪنهن مفاد جي پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪنداسين . 23 مارچ 1940ع رڳو هڪ تاريخ نه پر هڪ جدوجهد جو روشن باب آهي ، جيڪو اسان کي سيکاري ٿو ته جيڪڏهن همٿ ، يقين ۽ اتحاد هجي ته ڪابه طاقت آزاديءَ جي واٽ کي روڪي نٿي سگهي . قراردادِ پاڪستان هڪ خواب جي شروعات هئي ، جيڪو 14 آگسٽ 1947ع تي حقيقت بڻجي اڀريو . اڄ، 23 مارچ اسان کان تقاضا ڪري ٿو ته اسين پنهنجي وطن جي حفاظت ، ترقي ۽ استحڪام لاءِ ساڳي ئي جذبي ۽ عزم سان اڳتي وڌون . هيءُ ڏينهن اسان کي واعدو وٺي ٿو ته اسان پنهنجي بزرگن جي قربانين جو مان رکنداسين ، پنهنجي ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين . پاڪستان صدين جي خواب جو نتيجو آهي، ان کي محفوظ رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي!”
پاڪستان پائنده باد!
