24 نومبر تي اهو ڪنداسين جيڪو دهشتگردن خلاف ڪندا آهيون

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري 24 نومبر تي تحريڪ انصاف جي احتجاج تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته 24 نومبر تي دهشتگردن خلاف جيڪو ڪنداسين اهو ڪنداسين.هن پنهنجي ڪيس بابت ٻڌايو ته جوابدار جاچ دوران وڊيو پوسٽ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، وڊيو 3 اڪائونٽس تان پوسٽ ڪئي وئي، هي پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا سيل جا ماڻهو آهن.عظميٰ بخاري چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن ڪيس ۾ جلد کان جلد انصاف ٿئي، اڄ منهنجو بنيادي ڪيس طئي ناهي ٿيو.صوبائي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور اسلام آباد ۾ جيڪا ريلي ڪڍي هئي ان تي 81 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا، ايم پي ايز، ايم اين ايز کي 4 لک 40 هزار رپيا فساد ڪرائڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن.هن اهو به چيو ته انهن وٽ اي، بي، سي پلان آهي ته پوءِ رياست وٽ پوري اي بي سي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو