26 نومبر جو ڪيس وزيراعظم ۽ ٻين خلاف داخل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت 26 نومبر تي ڊي چوڪ احتجاج دوران مبينا قتل جي الزام ۾ وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڄ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيس جي اندراج جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي وزيراعظم، گهرو وزير ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو