26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر سميت ڪيترن ئي نامور اڳوڻن پارليامينٽرينز جمعي ڏينهن 26هين ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻن الڳ الڳ پر هڪجهڙين درخواستن ذريعي چيلينج ڪيو آهي. هنن زور زبردستي سان ترميم جي حق م ورتل ووٽن تي سوال اٿاريو آهي. 26 هين آئيني ترميم جيڪا اڳ ئي عمل هيڍ اچي وئي آهي، ان ترميم هيٺ حاصل اختيارن جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس يحيٰ آفريدي حلف کڻي چڪو آهي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل اهم فيصلا به ڪري چڪي آهي. جنهن ۾ باءِ پاس ٿيل ٻن ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب به شرڪت ڪئي هئي. حڪومت هڪ مهيني تائين ڊگهي سياسي مشاورت بعد ترميم منظور ڪرائي هئي. جمعي تي داخل ڪرايل هڪ پٽيشن اختر مينگل، فهميدا مرزا، محسن داوڙ ۽ مصطفيٰ نواز کوکر طرفان آهي ۽ بئي پٽيشن سنڌ بار ڪائونسل جي اڳوڻي صدر صلاح الدين پاران داخل ڪرائي وئي آهي. پٽيشنز م چيو ويو آهي ته هن ترميم سان عدليا جي آزادي متاثر ٿي آهي جيڪا اختيارن جي ورچ هي بنيادي ڍانچي جي خلاف آهي، جنهن کي آئين جي خلاف قرار ڏئي رد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو