3 ماهي ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي نيپرا 3 ماهي ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 3 ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هڪ رپيو 75 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اهو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليو ويو آهي. ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي. نيپرا موجب اٿارٽي جولاءِ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ ۾ 37 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري به ڏني آهي، ان حوالي سان درخواست تي ٻڌڻي 28 آگسٽ تي ٿي هئي ۽ اهو رليف سيپٽمبر جي بلن ۾ ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو