3 مهينن لاءِ بجلي 1 رپيا 71 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٽيرف سبسڊيز ۾ واڌ ذريعي حاصل ڪئي ويندي. ان حوالي سان، نيپرا اٿارٽي 4 اپريل تي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.ڪي-اليڪٽرڪ سميت سڀني ڪمپنين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي هن گهٽتائي کي لاڳو ڪن ۽ تجويز آهي ته هي گهٽتائي اپريل کان جون 2025 تائين لاڳو ڪئي وڃي.وفاقي حڪومت هن عرصي لاءِ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سبسڊي فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو