3 وڏن اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن لاءِ ابتدائي ڊيزائن پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 کان اڳ 3 اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن لاءِ ابتدائي ڊيزائن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي کي جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ايندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي کان اڳ 3 اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان بورڊز جا اجلاس شروع ٿي ويا آهن. اجلاس ۾ نيسپاڪ جي عملدارن چيئرمين محسن نقوي کي منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ ٽن اسٽيڊيم (نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي، قذافي اسٽيڊيم لاهور ۽ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم) جي اپ گريڊيشن لاءِ ابتدائي ڊيزائن پيش ڪئي. چيئرمين پي سي بي محسن نقوي ٽنهي اسٽيڊيمز ۾ شائقين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ان حوالي سان چيئرمين محسن نقوي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي، قذافي اسٽيڊيم لاهور ۽ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سهولتون بهتر ڪيون وينديون.ڳالهه ٻولهه دوران محسن نقوي ميچ جي ڏيک کي بهتر بڻائڻ ۽ هاسپيٽل باڪس کي وڌائڻ ۽ سيٽن کي آرامده بڻائڻ لاءِ پلان تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو