34 هين نيشنل گيمز جي مشعل ريلي جي ڪراچي کان شروعات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪوئٽا ۾ 22 مئي کان 30 مئي تائين ٿيندڙ 34 هين نيشنل گيمز جي مشعل ريلي جي ڪراچي کان شروعات ٿي. مزار قائد تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت مشعل روشن ڪئي ۽ اها هاڪي ليجنڊ اولمپئن اصلاح الدين جي حوالي ڪئي، مزار قائد تي شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته سنڌ ڌرتي مان نيشنل گيمز جي مشعل پوري ملڪ ۾ امن ۽ محبت جو پيغام کڻي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ نئون ٽيلينٽ دريافت ٿيندو ۽ نوجوان رانديگرن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا ڀرپور موقعا ملندا، قومي سطح تي رانديگرن جي وچ ۾ صحتمند مقابلي جو ماحول پيدا ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي هاڪي ٽيم عالمي سطح تي ملڪ لاءِ ڪاميابيون ماڻيون پر هاڻي پاڪستان ۾ راندين کي ان ريت پروموٽ نه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن ۾ ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ ناهي، انهن کي مناسب تربيت ۽ وسيلا ڏنا وڃن. هن سنڌ حڪومت پاران يقين ڏياريو ته صوبائي حڪومت راندين جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪندي. ان موقعي تي سنڌ صوبي مان 34 هين نيشنل گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اوهان سنڌ جا سفير بڻجي بلوچستان وڃي رهيا آهيو اوهان کي سنڌ جو نالو روشن ڪرڻو آهي. هن چيو تهصوبي مان 450 کان وڌيڪ رانديگر ايٿليٽ راندين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان مشعل ريلي شروع ڪرڻ تي هو پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئشن جو شڪر گذار آهي ۽ قومي راندين ۾ سنڌ جي دستي جي حوالي سان سنڌ اولمپڪ ايسوسي ايشن ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير جي صلاحڪار بابر يوسفزئي چيو ته بلوچستان 34هين نيشنل گيمز جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اڄ توهان سڀني بلوچستان کي عزت بخشي آهي ڪوشش ڪندا سين ته بلوچستان ۾ 34 نيشنل گيمز جو انعقاد سڀني کي ياد رهندو. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ 34 هين نيشنل گيم انعقاد ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ چيو ته هو سمورن رانديگرن سان مليا آهن ۽ سندن حوصلا بلند آهن، هن وڌيڪ چيو ته کيس يقين آهي ته اهي رانديگر سٺي ڪارڪردگي سان سنڌ جو نالو روشن ڪندا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اولمپين ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل احمد علي راجپوت چيو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ پهريون ڀيرو 1948ع ۾ ڪراچي ۾ پهرين نيشنل گيمز منعقد ٿيون هيون ، جنهن جو افتتاح پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪيو. پنهنجي طرفان نيشنل گيمز جي ٽرافي ڏني، اڄ اسان باباءِ قوم جي مزار تان 34هين نيشنل گيمز جي مشعل جو سفر شروع ڪيو آهي ۽ هن جي فرمان اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم موجب سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان راندين لاءِ پرامن ملڪ آهي. نيشنل گيمز جي مشعل سڄي ملڪ جو سفر ڪندي. سنڌ حڪومت پاران مشعل ريلي تقريب کي يادگار ۽ باوقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ تي اسين ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته 34هين نيشنل گيمز ۾ 6 هزار کان وڌيڪ رانديگر حصو وٺندا ۽ 30 کان وڌيڪ رانديون کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو