اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي آئيني شق تحت اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو ووٽ اميدوار لاءِ لازمي قرار ڏنا وڃن؟ ڪامياب اميدوار جو فيصلو اليڪشن ۾ مليل ووٽن تي ٿيندو آهي.جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته پهريان ٻڌايو وڃي ته درخواستگذار جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي، آئين جي ڪهڙي شقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي؟جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن نئون قانون ٺاهڻو آهي ته سپريم ڪورٽ کي اختيار ناهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پارليامينٽ اسان جي زندگي جو فيصلو ڪندي.جسٽس امين الدين خان چيو ته پارليامينٽ زندگي جو فيصلو ناهي ڪندي.جسٽس مسرت هلالي چيو ته ووٽ ڏيڻ جو حق سڀني کي آهي، پولنگ واري ڏينهن ماڻهو ٽي وي ڏسن ٿا، ووٽ ڏيڻ نٿا وڃن، جيڪڏهن ووٽر ووٽ نه ٿا ڏين ته اها ووٽر جي ڪمزوري آهي.جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان فيبروري 2024 جي اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو؟ درخواستگذار چيو ته هن اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان ٻيهر آئين جي توهين ڪري رهيا آهيو. آئيني بينچ بي بنياد ڪيس داخل ڪرڻ تي درخواستگذار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.جنهن تي درخواستگذار چيو ته ڏنڊ گهٽ ۾ گهٽ 100 ارب رپيا ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جو قرض گهٽ ٿئي.جسٽس امين الدين خان چيو ته توهان جو موقف ناهي ته 100 ارب رپيا ڏنڊ ڏيو.
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار
گوتم اڏاڻي تي نيويارڪ جي عدالت پاران فرد جرم لاڳو
اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم