ڪينال ڪڍڻ خلاف مختلف ڌرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڪيلن جو سنڌ اسيمبلي ٻاهريان 6 ڪئنال اڏڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ وفاقي حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي وئي،وڪيلن اسيمبلي ۾ داخل ٿيندڙ ايم پي ايز کي اسيمبلي وڃن کان روڪي ڇڏيو،وڪيلن پاران وفاق جي ڏاڍائي نامنظور نامنظور جا نعرا هنيا ويا،پوليس جي وڏي نفري اسيمبلي گيت اڳيان پهچي ايم پي ايز کي اسيمبلي اندر وڃڻ ڏنو،وڪيل مارچ جي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب پھتا جتي هنن احتجاج ڪيو احتجاج ۾ سول سوسائٽي اڳواڻ سميت قومي راڳين ۽ ٻين شرڪت ڪئي،احتجاج کي صدر ڪي بي اي بار عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته صدر زرداري آرڊيننس ذريعي ڪينالن وارو فيصلو واپس وٺي۔ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي جس ھجي، 12 اپريل تي ڪراچي بار ايسوسئشن پاران وڪيلن جو ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو، 48-72 ڪلاڪن جي ڊيڊلائين ڏينداسين ـدوستن جي مشاورت سان ڪنداسين، مارچ ڪري اسلام آباد وڃڻ يا چولستان وڃڻ جو فيصلو ڪنداسين ـ اھو فيصلو ڪنوينشن ۾ ڪيو ويندو،

پهنجو تبصرو موڪليو