6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ٿي پئي: زين شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ ٿنڪرز فورم جي ميزباني ھيٺ ڪراچي جي پاڪستان آمريڪن ڪلچرل سينٽر جي آڊٽيوروم ۾ وفاق طرفان سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ خلاف سيمينار منعقد ڪيو ويو.سمينار ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ۔شھاب الدين اوستو۔ نصيرميمڻ۔ حسين بخش ٿيٻو۔انعام شيخ۔ڊاڪٽر شگفته۔پروفيسر سليم ميمڻ ۔۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته وفاق طرفان چولستان ۾ ڪينال ٺاھڻ لاء ٻه سئو عرب رپين جي بجيٽ رکي وئي آھي اسين وفاق جي اھڙي فيصلي جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌ ۾ پھرين کان پاڻي جو وڏو مسئلو آھي وفاق 91 پاڻي مھاعدي تي عمل نه پيو ڪري ويتر سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي . اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ھي نه صرف ڪجھ ڪئنال پر چولستان ۽ گريٽر چولستان ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جنھن سان 40 کان 50 ھزار ايڪڙ زمين پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏھن ته سنڌ اڳ ۾ پاڻي جي مسئلي کي منھن ڏئي رھيو آھي. پاڻي اسان جي بنيادي زندگي آھي.وفاق پاران اھڙي فيصلي سان سنڌ ۾ سخت پاڻي جو بحران پيدا ٿيندو ۽ زمينون بنجر بڻجي وينديون جنھن سان معاشي بحران پيدا ٿيندو ۽ ماڻھو ڪرائيم ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نوان ڪينال ٺھڻ سان پاڻي سنڌو درياءَ مان ويندو جنھن سان سنڌ سان گڏ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بہ پاڻي جي کوٽ ٿيندي ۽ اھڙي عمل سان صوبائن جي وچم ۾ ھڪ وڏي جنگ ٿيندي . ھنن چيو تہ پيپلزپارٽي بہ اھڙي عمل ۾ وفاق سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان اھڙي عمل جي مذمت ڪيون ٿا ، اڳواڻن چيو ته اھڙي قسم جا فيصلا سڀني صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ سان گڏ ارسا ۽ ٻين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو آھي ، پر ان معاملي تي سڀني کي با۽ پاس ڪري اھڙو فيصلو ڪيو ويو. اسين اھڙي فيصلي کي غير قانوني سمجھون ٿا. پيپلزپارٽي پارٽي جو اھڙي فيصلي تي ڪوبہ ردي عمل سامھون نه آيو آهي ، سنڌ جو ماڻھو ان مسئلي تي سراپا احتجاج بڻيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو