ڪينال ڪڍڻ سبب سنڌ سڪندي، ملاحن جا جائز مطالبا تسليم ڪريو

ملير (ن س) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري ۾ پهرين ماهيگير عورت اسيمبلي ، ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن مان سوين ماهيگير عورتن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت، ماهيگيري، زراعت ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتون حياتيون سهولتن جي محرومي جي اذيت ۾ مبتلا آهن، سنڌو دريا م پاڻي نه هوندو ته زراعت تباهه، سمنڊ ۾ روزگار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو، وقت جي ضرورت آهي ته ماهيگير عورتن سميت سموري سنڌ جو مظلوم عوام پنهنجي قومي، سماجي حقن جي تحفظ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري اچن مهراڻ شاہ، پسند ٿري، اقبال ڏيٿو، ياسمين شاہ ۽ ٻين اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري مورڙو هال جي وومين پارڪ ۾ ماهيگير عورت اسيمبلي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪراچي، ٺٽو، بدين، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن مان سون جي تعداد ۾ ماهيگير عورتن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا اسيمبليءَ ۾ ٽيبلوز، گيت ۽ رقص پيش ڪيو ويو ماهيگير عورت اسيمبلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري، انساني حقن جي علمبردار اقبال ڏيٿو، ياسمين شاہ، نذير چنا ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ماهيگير عورت سميت زراعت ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل عورتون بنيادي سهولتن جي محرومي سبب اذيت ۾ مبتلا آهن هنن چيو ته سنڌو درياهه ۾ 1991 جي معاهدي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت سنڌ جو پاڻي روڪڻ لاءِ سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍي رهي آهي جنهن سبب سنڌو درياهه سڪي ويندو ۽ سنڌي قوم تباهه ٿي ويندي، هنن چيو ته پاڻي نه هوندو ته زراعت تباهه ٿي ويندي ۽ سمنڊ مان ماهيگيرن جو روزگار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو، سندن چوڻ هو ته وقت جي ضرورت آهي ته ماهيگير عورتن سميت سموري سنڌ جو مظلوم عوام پنهنجي قومي، سماجي، معاشي حقن جي تحفظ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري اچن،پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين مهراڻ علي شاهه،مرڪزي سينيئر نائب صدر ياسمين شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جا لکين ماهيگير خصوصي طور تي ماهيگير عورتون حڪومت، انساني بنيادي حق سياسي سماجي اڳواڻن جي توجهه گهرن ٿيون جن کي مزدور تسليم نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته مڇي جي اگهن ۾ اضافو نٿو ڪيو وڃي سمنڊ مان اگر ٻيڙيون خالي اچن ٿيون ماهيگيرن کي گهربل آمدني نه ٿيڻ سبب ڪراچي کان بدين تائين گهرن کي بک ۽ بدحالي وڪوڙي ٿي وڃي، جنهن جو بدترين اثر ماهيگير عورتن تي ٿو پوي، پاڪستان فشر فوڪ فورم واحد آرگنائزیشن آهي جنهن جي قيادت محمد علي شاهه، طاهر علي شاهه کان وٺي هاڻوڪي قيادت تائين جدوجهد جي ميدان ۾ آهي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي موجودگي لاءِ ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيا ويا ۽ اها جدوجهد درياهه جي مڪمل بحالي تائين جاري رهندي، ماهيگير عورت اسيمبلي جي ذريعي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ماهيگير عورتن سميت ساحلي علائقن جي ماهيگيرن، هارين، مزدورن جا بنيادي مسئلا حل ڪري حق بحال ڪيا وڃن اسيمبلي م ماھيگيرن جي مسئلن تي پينل گروپ ڊسڪشن ڪئي پینل عائشہ، پشپه ڪماري، انوشہ عالم،قرات، اقبال ڈيٿو ، نذیر چنا، عظم نورانی.انیتا پنجوانی، بلقیس عثمان شرڪت ڪئي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قيدي ماھيگيرن کي آزاد ڪيو وڃي، ماھيگيرن عورتن جا بنيادي حق بحال ڪيا وڃن، تمر جي ٻيلن جو تحفظ ڪيو وڃي، مڇي جو اگهه وڌايو وڃي,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو