63 اي ڪيس، جسٽس منيب جو شرڪت کان انڪار،ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي جسٽس منيب اختر جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب ملتوي ڪئي وئي.سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي شروع ٿي وئي. جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس مظهر عالم عدالت ۾ پهچي ويا پر جسٽس منيب اختر عدالت ۾ نه آيا.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کي روسٽرم تي طلب ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڪيس بابت اڄ لارجر بينچ جوڙي وئي، ڪيس جو فيصلو گذريل ڏينهن 5 رڪني بينچ ٻڌايو هو.جسٽس منيب اختر رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منيب اختر جو خط پڙهي ٻڌايو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي لاءِ قانون هڪ ئي بينچ جي ضرورت آهي، مون اڳوڻي چيف جسٽس جي جاءِ تي پورو ڪيو. جسٽس اعجاز الحسن جي جاءِ تي جسٽس امين الدين کي شامل ڪيو ويو آهي، جسٽس منيب اختر کي بينچ ۾ ويهڻ جي درخواست ڪنداسين.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منيب اختر کي بينچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته ڪوشش ڪندس ته جسٽس منيب اختر کي بينچ ۾ واپس آڻيان، ٻي صورت ۾ بينچ جوڙي ويندي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اميد آهي ته جسٽس منيب اختر ٻيهر بينچ ۾ شامل ٿيندو، جسٽس منيب اختر بينچ ۾ شامل ٿئي يا نه، ٻنهي صورتن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح واري فيصلي تي نظرثاني اپيلن تي ٻڌڻي سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو