70ساله جشن، مائوزي تنگ جي جماعت، ملڪ ڪيئن هلائيندي آهي؟

چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ جي وچ  ۾ “شهر ممنوعه” کان ڏکڻ طرف ٻه رنگين دروازا آهن جيڪي مرڪزي رستي جي چوڪ تي لڳل آهن. انهن مان هڪ تيانمن گيٽ پوري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ان تي مائوزي تنگ جي ديوقامت تصوير ٽنگيل آهي جنهن جي چهري کان سڪون کانسواءِ اندرين جذبن جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. چين ۾ مائو جي شخصيت جي علامتي حيثيت آهي.

تيانمن اسڪوائر

جيڪا گذريل صدي ۾ چين جي تاريخ،ثقافت ۽ سياست ۾ هڪ واضع لڪير وانگر آهي. هڪ طرف مالدار درٻار آهن جيڪا ان جي ماضي جي ڊگهي  سلطنت جي عروج ۽ زوال جا نشان آهن ته ٻئي طرف مائو جي تصوير جنهن جون نظرون ڪميونسٽ پارٽي جي مستقبل تي لڳل آهن. تيانمن اسڪوائر به هن جديد رياست جو علامتي مرڪز آهي جنهن جو بنياد مائو رکيو هو. هتي هن سلطنت جي مرڪز ۾ مائو 70 سال  پهريون  هڪ آڪٽوبر سن 1949 تي عوامي جمهوريه چين جي آزادي جو اعلان ڪيو هو ۽ هتي ان تاريخي جڳهه تي جتي آخري شهنشاه جي رهائشگاهه هئي، مائو عظيم اڳواڻ بڻيو. ان نه صرف قوم جي تقدير بدلي پر ان قوم تي ڊگهي مدت تائين مڪمل اختيارن سان گڏ حڪومت به ڪئي جيڪا ان کان  پهريون قنگ خاندان جي دور تائين ڪنهن حڪمران کي حاصل نه ٿي. مشهور تاريخدان ۽ مائو جي بايوگرافي لکڻ واري مصنف اليگزينڊر پينسٽو جي مطابق ، مائو تاريخ جي هڪ انتهائي تضاد ڀري  شخصيت آهي. هو پنهنجي ملڪ کي دنيا تي آڻڻ وارو هو، هو تبديلي ۽ انقلاب آڻڻ وارو هو، جيڪو چين جي سرحدن کان اڳتي تائين پکڙڻو هو.

جديد چين جو باني مائوزيتنگ

آمريڪا جي ڪيپيٽل يونيورسٽي سان لاڳاپيل پروفيسر اليگزينڊر پينسٽو  وڌيڪ لکيو آهي ته مائو تاريخ جو هڪ غير اعلانيل آمر هيو جيڪو چار ڪروڙ ماڻهن جي موت جو ذميوار هيو. برطانوي محقق مسٽر ووڊ  پنهنجي مشهور زمانه دستاويزي فلم “دي اسٽوري آف چائنا” ۾ چوي ٿو ته جيڪي واقعا مائو ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي دور حڪومت ۾ ٿيا، اهي تاريخ جي عظيم حادثن ۾ شامل هئا. ووڊ جي مطابق هي سڀ  “چيني انقلاب” کان ٻه ڏهاڪا پهريون شروع ٿيو هو، جڏهن سن 1927 ۾ مائو جي اڳواڻي ۾ ڪميونسٽن ۽ چيانگ ڪائي جي پيروي ڪندڙ ، ڪوو مينگتانگو، قومپرستن، ڪي ايم ٽي  جي ماتحت اقتدار جي لاءِ جهڙپون شروع ٿيون هيون. ان جنگ کانپوءِ چين جي حڪمراني ڊور شيڪ جي هٿن مان هلي وئي ۽ انهن کي تائيوان ۾ جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. هارورڊ يونيورسٽي ۾ چيني تاريخ ۽ سياست جا ماهر اليزبيٿ پيري بي بي سي کي ٻڌايو  ته  انقلاب جي شروعات ۾ جڏهن سن 1921 ۾ سي سي پي جو قيام عمل ۾ آيو ته مائو هڪ نوجوان دانشور هيو جيڪو پنهنجي ملڪ کي مضبوط ٺاهڻ جي لاءِ رستا تلاش ڪري رهيو هو. هو چوي ٿي ته مائو غريبن ۽ اميرن، شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن، مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ فرق تي پريشان هيو ۽ پوري نيڪ نيتي سان چين جي سماجي،سياسي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر ڪرڻ چاهي پيو. ڪيترين ئي صدين تائين شاهي خاندانن جي حڪمراني کانپوءِ چين 20 هين صدي ۾ سخت معاشي پسماندگي سان گڏ داخل ٿيو ۽ ماضي ۾ هو ٻاهرين حملا ڪندڙن جي محڪومين جو شڪار به رهيو.اليگزينڊر پينسٽو جو چوڻ آهي ته مائو کي سمجهڻ جي لاءِ اسان کي اهو ياد رکڻو هوندو ته انقلاب کان پهريون چين اولهه جي نئين آبادي هيو جنهن جو وڏو استحصال ڪيو ويو ۽ چيني رهائشين کي ٻئي درجي جا ماڻهو تصور ڪيو ويندو هو پر مائو چيني انقلابي تحريڪ جو غير تڪراري  اڳواڻ ٿيڻ جي لاءِ مائو کي نه صرف قومپرستن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت هئي پر ان کي هي به تلاش ڪرڻو پيو ته سي سي پي، جي جنگ ۾ ڪاميابي ڪيئن حاصل ٿيندي؟ پيري جو چوڻ آهي ته   مائو کي پنهنجي ڪميونسٽ پارٽي يا نيشنل پارٽي جي همعصرن تي فڪري ۽ سياسي فوقيت حاصل هئي. هن وڌيڪ چيو  ته مائو هڪ باصلاحيت ۽ ذهين شخص هو ۽ ٻيا اهم اڳواڻ مائو جو مقابلو نه پيا ڪري سگهن. ان سان گڏو گڏ هو انتهائي بيرحم به هو، جنهن سبب هو جڏهن به ڪنهن مقصد جي لاءِ مصروف عمل ٿيندو هيو ته ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو هو. آڪٽوبر سن 1994 کان چين تي مائو جي جماعت ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت آهي. هي جماعت نه صرف ملڪ کي هلائي رهي آهي پر ان چين کي هڪ معاشي طاقت به بڻايو آهي پر ان سفر جي دوران هن ڪا به مخالفت برداشت ناهي ڪئي ۽ هر طرح جي اختلاف  کي سختي سان دٻائي چڏيو.

چين جي ڪهاڻي 100 لفظن ۾

چين جي ڪميونسٽ پارٽي کي حڪومت کان وٺي پوليس ۽ فوج تائين سڀني تي مڪمل اختيار حاصل آهي ، نو 9 ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل هن پارٽي جو ڍانچو هڪ ٽڪنڊي  جي شڪل جو آهي جنهن ۾ صدر شي جن پنگ سڀني کان مٿي آهي هڪ پارليمان آهي جنهن کي نيشنل پيپلز ڪانگريس چيو ويندو آهي جيڪا صرف هن پارٽي جي قيادت جي طرفان ڪيل فيصلن تي ٺپو لڳائڻ جو اختيار رکندي آهي. ذرائع ابلاغ ۽ انٽرنيٽ مڪمل طور تي پارٽي جي گرفت ۾ آهن چين سان محبت پارٽي سان محبت سمجهي ويندي آهي ۽ ملڪ جي هم آهنگي ۽ ترقي جي لاءِ وڌيڪ حڪومتي نظامن کي رد ڪيو ويندو آهي.

600 لفظن جي ڪهاڻي

چين ۾ عملي طور تي هڪ جماعتي حڪومت آهي. ڪميونسٽ پارٽي جو ڪردار اصل ۾ ملڪي آئين ۾ درج آهي ۽ وڌ يڪ ڪيتريون ئي ننڍيون جماعتون آهن پر اهي ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت ڪرڻ جون پابند آهن. پارٽي جي باني مائوزي تنگ  جي سربراهي ۾ ڊڪٽيٽر سوشلزم نافذ ڪيو ويو ان جي باوجود معاشي ناڪامي ، خشڪ سالي ۽ ثقافتي انقلاب جي دوران پوري ملڪ ۾ ڪروڙن ماڻهن جو جانيون ضايع ٿيون. سن 1976 ۾ مائو جي وفات کانپوءِ ملڪ آهستي آهستي جمود مان نڪتو ۽ ڊنگ زائو پنگ جا ڪيل سڌارا شروع ٿيا . موجوده  صدر شي جن پنگ سن 2012 ۾ اقتدار سنڀاريو ۽ چين جي هڪ بين الاقوامي سپر پاور بڻجڻ جي عمل جي نگراني ڪئي .

چين جي پارليامينٽ

ٽڪنڊي جي چوٽي جو ڪنٽرول

ملڪ جي 7 فيصد آبادي پارٽي جي ميمبر آهي جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ چاهيو ٿا، چاهي توهان سياست ۾ آهيو، واپار ۾ آهيو يا فن ۽ فنڪارن جي شعبي ۾ آهيو ته مقامي سطح تي پارٽي جو وفادار ميمبر ٿيڻ ضروري آهي. هي ان ماڻهن جي لاءِ به صحيع آهي جيڪي مختلف شعبن ۾ ڪامياب ٿيا، جيئن ته مشهور اي ڪامرس ڪمپني علي بابا گروپ جو باني جيڪ ما ، ٽيلي ڪام ڪمپني هواوي جي باني رين زينگ في ۽ اداڪاره فان بنگ بنگ . جيڪڏهن هو پارٽي جي اقتدار سان غداري ڪندا آهن ته انهن کي خفيه حراست ۽ قهر کان بچڻ جي لاءِ سر عام معافي وٺڻي پوندي آهي ، جيئن ته اداڪاره فان سان گذريل سال ٿيو . انهن چونڊن جو اڪثر وقت کان پهريون فيصلو  ۽ ان جي توثيق ڪئي ويندي آهي ۽ اصل اختيار  پولٽ بيورو  کي ئي حاصل هوندو آهي اعليٰ ترين سطح تي صدر شي جن پنگ آهي ، پارٽي سن 2017 ۾ ان جي صدر جي عهدي تي فائز ٿيڻ جو رستو هموار ڪيو. پارٽي هن جو نالو ۽ نظريو  ملڪ جي آئين ۾ شامل ڪيو ۽ انجو رتبو پارٽي جي  باني مائوزي تنگ جي برابر ڪري ڇڏيو .

چين جو موجوده صدر شي جن پنگ

با اختيار پولٽ بيورو

ڪميونسٽ پارٽي کي حڪومت، پوليس ۽ فوج سڀني تي اختيار حاصل آهي. اعليٰ ترين سطح تي پولٽ بيورو هن ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته پارٽي جي لائين تي عملدرآمد ڪئي وڃي ۽ ٽن اهم ادارن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي،  اسٽيٽ ڪائونسل، سينٽرل ملٽري ڪميشن ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس يا پارليامينٽ. چين ۾ اسٽيٽ ڪائونسل حڪومت هوندي آهي جنهن جو سربراهه وزير اعظم هوندو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه لي ڪي ڪيانگ آهي  ۽ هو صدر کان عهدي جي لحاظ کان ننڍو هوندو آهي. انجي ذميداري جماعت جي پاليسين کي ملڪ ۾ نافذ ڪرڻ هوندو آهي ، مثال جي طور تي ملڪ جو معاشي منصوبو ۽ رياستي بجيٽ  هن ڪائونسل کي ملڪ جي جوهري اثاثن تي به اختيار حاصل آهي ۽ 20 لک ماڻهن تي مشتمل فوج تي به جيڪي افرادي قوت جي اعتبار کان دنيا جي سڀني کان وڏي فوج آهي، ان تي به ڪنٽرول هوندو آهي.

اختلاف راءِ تي سخت پڪڙ

ڪميونسٽ پارٽي ڪنهن به قسم جي اختلاف کي برداشت ناهي ڪندي حزب اختلاف جي جماعت ٺاهڻ جي اجازت ناهي ۽ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي سزائن جو خطرو رهندو آهي.

اداڪارا فا بنگ بنگ

حڪومت جي مخالفن تي ڏاڍ جبر جي ختم ٿيڻ جو ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي ۽ صدر شي جي دور اقتدار ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ شدت آئي آهي. هن جي جبر کان پارٽي جا اعليٰ ترين اهلڪار ۾ ناهن بچي سگهندا . بوزلائي  جيڪو ڪڏهن پارٽي جو هڪ  طاقتور علائقي جو صدر هيو ان کي سن 2013 ۾ ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. چين جو يقين آهي ته هو انساني حقن جي پاسداري ڪندو آهي ۽ مخالفن جي خلاف سخت ڪاروائين کي اهو چئي جائز قرار ڏيندو آهي ته هن ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي جيڪو انفرادي آزادي کان تمام وڌيڪ ضروري آهي . ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جنهن ۾ سوشل ميڊيا به شامل آهي ان تي سخت پابنديون آهن ، انٽرنيٽ کي سنسر ڪرڻ واري چين جي “گريٽ فائر وال” مغربي ويب سائيٽس مسئلن گوگل، فيس بڪ ، يوٽيوب ۽ ٽيوٽر تائين پهچ تي ڪنٽرول ڪندي آهي . ها البته اهي سڀ شيون چيني زبان ۾ موجود ايپليڪيشنز تي دستياب آهن. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ سان ڪميونسٽ پارٽي هاڻي نگراني جي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي ۽ هي هڪ سوشل ڪريڊٽ سسٽم جي منصوبن تي ڀاڙي رهيو آهي . ذرائع ابلاغ تي مڪمل ڪنٽرول ذريعي پارٽي عام راءِ کي پنهنجي حق ۾ هموار ڪندي آهي ۽ ملڪ تي پنهنجي پڪڙ مظبوط رکندي آهي .(بشڪريه بي بي سي اردو، سنڏيڪار سليم ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو