اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 77 مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي، معطل ڪيل سيٽن ۾ عورتن جون 66 ۽ اقليتن جون 11 سيٽون شامل آهن.نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبلي جي 21 مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي. اقليتن جي سيٽ تي قومي اسيمبلي جي 3 جڏهن ته عورتن جي 19 سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي.اي سي پي موجب خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ عورتن جون 21 ۽ اقليتن جي 4 سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي ۾ عورتن جي 24 ۽ اقليتن جي 3 سيٽن تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ اقليتي سيٽن تي چونڊيل 3 ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي 2 ۽ اقليتن جي هڪ سيٽ تي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي 13 عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽ گهٽ ٿي وئي، قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جون 5 ۽ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) (ف) جون 3 سيٽون گهٽ ٿي ويون.خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ جي يو آءِ جون 10، (ن) ليگ جون 6 سيٽون گهٽ ٿيون. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جون 7 سيٽون گهٽ ٿي ويون. اهي مخصوص سيٽون اضافي طور تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين ۾ ورهايون ويون هيون.
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ
هڪ ٻن ڏينهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خوشخبري ملندي: مولانا