8 ججن جي ٻي وضاحت تي چيف جسٽس جي رجسٽرار کان وضاحت طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ 8 ججن جي ٻي وضاحت تي چيف جسٽس ڊپٽي رجسٽرار کان وضاحت گهري ورتي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار مجاهد محمد کان وضاحت طلب ڪئي آهي، اسسٽنٽ رجسٽرار شاهد حبيب ۽ ويب ماسٽر عاصم جاويد کان به وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اوريجنل فائل جمع ڪرڻ بنا وضاحت ڪيئن جاري ٿي؟چيف جسٽس طرفان ويب ماسٽر کان پڇيو ويو ته بنا اوريجنل فائل جمع ڪرائڻ جي وضاحت سپريم ڪورٽ ويب سائيٽ تي ڪيئن آئي؟واضح رهي ته مخصوص سيٽن جي ڪيس تي سپريم ڪورٽ جو اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ 8 ججن گذريل ڏينهن ٻيو ڀيرو وضاحت جاري ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو