80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڄ کان پاڪستان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي.موسميات جي تجزيه نگار ٻڌايو آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي ۽ هيٽ ويو جي شدت 18 کان 20 مئي تائين برقرار رهندي.موسميات جي تجزيه نگار موجب سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثر هنڌن تي گرمي پد 43 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.ٻئي طرف ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ سامونڊي هوائن سبب سخت گرمي نه پوندي پر ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.موسميات جي تجزيه نگار موجب شهر جو گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو