اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي عمران خان جي درخواست منظور ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي باني پاران 9 مئي سانحي جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ عمران خان جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواست عوامي اهميت جي ناهي، ان تي اعتراض آهن، جنهن تي عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.پي ٽي آءِ جي باني وڪيل حامد خان چيو ته اڍائي سال ٿي ويا آهن، خبر آهي 9 مئي تي ڇا ٿيو؟ 9 مئي کان پوءِ سوين ڪيس ٿيا، هڪ سياسي پارٽي کي ڀت سان لڳايو ويو.ان تي جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته توهان هاءِ ڪورٽ جو ڇو نه رابطو ڪيو؟عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڪيل کي چيو ته هو رڳو رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيا آهن، ميرٽ تي ڪيس اڃا تائين ناهي ٻڌو ويو، ڪيس جي ري شيڊول ٿيڻ تي عدالت کي اٿاريل سوالن کي پورو ڪرڻو پوندو.ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته ڪميشن ٺهي ته رڳو ذميواري طئي ڪندي، جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ سان فوجداري ڪيسن تي اثر نه پوندو.بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام
نقوي سان خٽڪ جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون
شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻي گهرجي: ممتاز بلوچ
”سڀن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان“ ، سلمان اڪرم
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو
26هين آئيني ترميم سياسي بحران ۾ واڌپئي ڪري: لياقت بلوچ
بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڀينرون اجل جو شڪار
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندا
سلينا گومر بيني بلانڪو سان مڱڻي ڪري ڇڏي
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو