9 مئي ڪيس جي جاچ ڪندڙ انوش مسعود جي بدلي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش مسعود کي بدلي ڪري ڇڏيو.انوش مسعود کي فوري طور تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، هن 9 مئي جي ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کان جاچ ڪئي ۽ چالان جمع ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ايس اينڊ جي ڊي جي نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي انويسٽيگيشن لاهور انوش مسعود کي فوري طور تي هٽايو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن لاهور ۾ پهرين عورت ايس ايس پي انويسٽيگيشن مقرر ڪئي وئي ته هڪ مخصوص گروهه سندس مخالفت ڪري رهيو هو، سندس جاءِ تي محمد نويد کي ايس ايس پي انويسٽيگيشن مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو