سنڌ پريميئر ليگ جي رونمائي تقريب منعقد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن ۽ شھرن مان ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ پريميئر ليگ (ايس پي ايل) شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ پريميئر ليگ جي رونمائي تقريب سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو خاص مددگار ارباب لطف الله، سنڌ جي وڏي وزير جي ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ دنيا جي مشهور پاڪستاني ڪرڪيٽ اسٽارز شاهد آفريدي ايس پي ايل جي برانڊ ايمبيسيڊر ۽ عبدالرزاق ايس پي ايل جي مينٽور طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ سنڌ صوبي لاءِ فخر جو ڏينهن آهي ته ايس پي ايل جي شروعات سنڌ صوبي کان ٿي رهي آهي. هن چيو ته وڏي ڳالهه آهي ته قومي هيرو شاهد آفريدي جي سرپرستي ۾ ايس پي ايل شروع ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪرڪيٽ ۾ جاويد ميانداد، شاهد آفريدي، ظهير عباس جهڙا وڏا نالا ڏنا آهن. هن چيو ته سنڌ پريميئر ليگ مان ڳوٺن ۽ وسندين مان ٽيلينٽ سامهون ايندو. هي اسان جو پنھنجو پروجيڪٽ آهي، سنڌ حڪومت ان جي مڪمل مالڪي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جو هر شخص ايس پي ايل جي اونرشپ وٺندو. هن چيو ته ايس پي ايل جي شروعات ڪراچي کان ٿي رهي آهي، ايندڙ سال ان جو ٻيو سيزن حيدرآباد ۾ ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي راندين بابت خاص مددگار ارباب لطف الله جي وڏي محنت آهي، اڄ اهم ڏينهن آهي جڏهن ايس پي ايل شروع ٿي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايس پي ايل جي مڪمل سپورٽ ڪئي آهي، ايس پي ايل سان سنڌ جي ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن جي ٽيلينٽ کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو، ۽ منهنجي سنڌ جي ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي ڪرڪيٽ جي جديد ٽيڪنڪ سکڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ايس پي ايل جي پهرين سيزن جي ئي شروعات حيدرآباد، سکر کان ڪئي وڃي، ان کي سالن تي نه رکيو وڃي. SPL اسان جي صوبي لاء اهم آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير جي راندين بابت خاص مددگار ارباب لطف الله چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد صوبي جي عوام کي تفريح ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. اسان ٿر جيپ ريلي ڪرائي جيئن عوام کي موقعا ملن . هن چيو ته ايس پي ايل جو مقصد سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي ھمٿائڻ آهي. صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ ڪرڪيٽ جو انفراسٽرڪچر ۽ ادارا قائم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسان شخصيتون نه پر ادارا ٺاهيندا آهيون ته جيئن ڏور رس نتيجا حاصل ڪري سگھجن. هن چيو ته ايس پي ايل سان معاهدو ڪيو ويو آهي ته هو سنڌ ۾ ڪرڪيٽ اڪيڊميون قائم ڪندا ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪوچ آڻيندا. ايس پي ايل جي برانڊ ايمبيسيڊر شاهد آفريدي چيو ته هو ايس پي ايل جي آغاز تي تمام گهڻو خوش آهي. مون سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون، پر مايوسي ٿي. هن چيو ته هاڻي ايس پي ايل هڪ وڏي شروعات آهي، ان سان ڪرڪيٽ جي راند کي هٿي ملندي ۽ ٽيلينٽ سامهون ايندو. ايس پي ايل مينٽور عبدالرزاق چيو ته سنڌ پريميئر ليگ وڏي اپرچونٽي آهي، ان جو مقصد ڪرڪيٽ جي ترقي آهي. هن چيو ته نيڪ نيتي سان رانديگرن جي ڊيولپمنٽ ڪنداسين ۽ ايس پي ايل جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين. ان موقعي تي ايس پي ايل جي صدر ملڪ عارف چيو ته سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ ڪرڪيٽ رانديگرن لاءِ موقعا گهٽ آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ مان فقط هڪ شاهنواز ڏاهاڻي نڪتو آهي، اهڙا درجنين شاهنواز ڏاهاڻي موجود آهن. هن چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ايس پي ايل مان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. سنڌ پريميئر ليگ ڪراچي کان شروع ٿيندي. جنهن جو دائرو سڄي سنڌ ۾ پکيڙيو ويندو. ايس پي ايل جو ٻيو سيزن ايندڙ سال حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو. سنڌ پريميئر ليگ لاءِ 6 فرنچائزز ٺاهيون ويون آهن. جنهن ۾ ڪراچي غازيز، حيدرآباد بهادرز، بينظير آباد لالز، سکر پيٽرياٽس، ميرپوخاص ٽائيگرز ۽ لاڙڪاڻو چيلنجرز شامل آهن. چيئرمين ايس پي ايل ملڪ اسلم چيو ته ايس پي ايل سان نه رڳو سنڌ جي نوجوانن کي پروموٽ ڪنداسين پر سنڌ جي ثقافت کي به اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملندو. ان موقعي تي ايس پي ايل جي مختلف فرنچائز جي ڪٽس جي رونمائي پڻ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو