راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)34 ميچز جي پي ايس ايل سيريز 8 جي 24 هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ 2 وڪيٽن تان ملتان کي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي. فهيم اشرف 26 بالن تي 51 ناٽ آئوٽ اسڪور ڪري ملتان جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ان کان اڳ ٽاس کٽي شاداب خان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ملتان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.شان مسعود ۽ ڪپتان محمد رضوان اننگ جي شروعات ڪئي. ان کان اڳ اڄ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندر کي 35 رنز تان شڪست ڏني. ملتان سلطانز 20 اوورز ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنز ٺاهيون. شان مسعود75، رضوان 33، ۽ ٽم ڊيوڊ 27 بالن تي 60 رنز اسڪور ڪيون. ميچ کٽڻ لاءِ 206 جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي اننگ شروع ۾ سست رهي، 17 جي مجموعي اسڪور تي ايلڪس هيلز 7 بالن تي هڪ رن ٺاهي انور علي جي بال تي بولڊ ٿيو، گرباز 5 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 25 رنز ٺاهي انور علي جو شڪار بڻيو. جنهن بعد ڪولن منرو هڪ اوور ۾ 20 رنز وٺي پاور پلي ۾ عزت ڀري ٽوٽل تائين پهچايو پر هو 40 رنز ٺاهي اسامه جي بال تي بولڊ ٿيو، پر تيسين هو 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 40 اسڪور هڻي ويو.جنهن بعد شاداب خان جو ساٿ ڏيڻ اعظم خن آيو پر هو به نه هلي سگهيو 9 بالن تي 3 رنز ٺاهي ڪيپر هٿان اونچي شاٽ کيڏڻ سبب ڪيچ ٿيو. ان بعد فهيم اشرف ڪپتان جي ساٿ لاءِ آيو. 13 اوورز ۾ 117 تي اسلام آباد جا 4 ٽاپ بيٽر آئوٽ ٿي چڪا هئا. آصف علي ۽ مبشر خان به جلد آئوٽ ٿي ويا پر وسيم جونئر 7 بالن تي 16 رنز ٺاهي واپس موٽيو، آخري اوور جي پهرين بال تي چوڪو لڳو 5 بالن تي 13 رنز گهربل هيون، الياس کي ٻئي بال تي فهيم ڇڪو هنيو، چوٿين بال تي فهيم چوڪو هڻي ميچ برابر ڪري ڇڏي، هڪ بال باقي هو ته فهيم چوڪو هڻي ناقابل يقين ميچ کٽي ورتي.
پي ٽي آءِ قيادت کي سول نافرماني تحريڪ جاري رکڻ جي هدايت
پارا چنار ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 100 کان وڌيڪ ٻارڙا فوت
ڪميٽي مڪمل بااختيار آهي پر فيصلا پي ٽي آءِ باني کي ڪرڻا آهن
عامر خان پنهنجي خراب عادتن بابت ٻڌائي ڇڏيو
جسٽس منصور جي انتظامي جج ٿيڻ جي معذرت
پ پ اهم اتحادي آهي ۽ ڊجيٽل رائيٽس بل جي آجيان ڪندي
قائد جو جنم ڏهاڙو،گارڊز تبديلي،قومي قيادت پاران خراج پيش
دنيا ۾ ڪرسمس جون ملهائي پئي وڃي،صدر سميت قيادت پاران پيغام
ڪراچي ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان
اڳوڻو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويو
سينچورين ٽيسٽ ۾ پاڪستان 7 بيٽسمينن سان ميدان ۾ لهندو
اقبال ۽ قاديانيت = حقيقت يا افسانو
ڪمشنر ڪراچي تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي
ڪرنٽ لڳڻ سان ٻار جو موت، ڪي اليڪٽرڪ تي 1 ڪروڙ 93 لک ڏنڊ
کوسا برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل
هاري ڪانفرنس، زمينون ھارين کي ڏيڻ ۽ ھاري ڪورٽون قائم ڪرڻ جو مطالبو
ابراهيم حيدري ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي پر اسرار نموني بيهوش، 1 فوت
مريد شاخ ۾ زال مڙس هٿان ڇريون ھڻي قتل،جوابدار فرار
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊر پاس رڳو 42 ڏينهن ۾ مڪمل
انٽرنيٽ نوجوانن جو حق آهي، بابا۽ پوڙها سياستدانن نه ٿا سمجهن