پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نئين عهدي جو قيام

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مڪي آرٿر کي ملازمت ڏيڻ لاءِ ڪنسلٽنٽ ٽيم ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ جي نئين پوسٽ ٺاهي ڇڏي آهي، هو نئين عهدي سان ڪوچنگ پينل جو سربراهه هوندو، پي سي بي سندس مقرري جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر سان لاڳاپيل اڳوڻي فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو پيو وڃي، رائٽ آرم آف بريڪ گرانٽ بريڊ برن 7 ٽيسٽ ۽ 11 ون ڊي ميچز کيڏي چڪو آهي.رميز راجا چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هفتن جي قياس آرائين کانپوءِ پي سي بي انتظاميا مڪي آرٿر ۽ گرانٽ بريڊ برن سميت 6 پرڏيهين کي معاهدو ڪرڻ جي ويجهو آهي.جنگ ڪيترائي هفتا اڳ انڪشاف ڪيو هو ته مڪي آرٿر کي پاڪستاني ٽيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو پيو وڃي، انگلينڊ ۾ ويٺو هو ڪائونٽي سان پنهنجو معاهدو پورو ڪري ۽ ڪوچز کي گهر کان ڪم جي هدايتون ڏئي رهيو آهي.اڳوڻو ڏکڻ آفريڪا فاسٽ بالر مورني مورڪل ۽ اينڊريو پوٽيڪ بيٽنگ ڪوچ هوندا، مقرريون مڪي آرٿر جي مشاورت سان ڪيون وينديون.مورني مورڪل نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ ڪوچنگ پينل جو حصو نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هو انڊين پريميئر ليگ سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڀارت ۾ هوندو.ٻه نامعلوم ڪوچ ڪلف ڊيڪن (فزيو) ۽ ڊراڪوس سائمن (اسٽرنٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ) اڳ ۾ ئي پاڪستاني ٽيم سان ڪم ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جا سمورا 6 ڪوچ پرڏيهي هوندا، جن مان 4 ڪوچ نيوزيلينڊ خلاف 14 اپريل کان شروع ٿيندڙ هوم سيريز کان اڳ ٽيم جوائن ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته مڪي آرٿر سيريز جي شروعات کان اڳ ڪوچنگ پينل کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ مختصر دورو ڪندو ۽ ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ سيپٽمبر ۾ انگلش سيزن جي پڄاڻي تي پاڪستان پهچندو.انگلش سيزن ختم ٿيڻ کانپوءِ مڪي آرٿر فل ٽائيم پاڪستان ڪرڪيٽ جو حصو هوندو.صبيح اظهر کي پاڪستان انڊر 19 جو هيڊ ڪوچ ۽ عبدالرحمان کي پاڪستان اي ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ جي تجويز آهي.نيشنل اڪيڊمي جا ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني ۾ ڪم ڪندا، مڪي آرٿر سان رابطي جي دعويٰ ڪندڙ اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر ياسر عرفات ڪوچنگ جي دوري مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو